Book Name:Shafaat e Mustafa
پیشِ حق مژدہ شَفاعت کا سُناتے جائیں گے آپ روتے جائیں گے، ہم کو ہنساتے جائیں گے
ہاں چلو حسرت زدو سُنتے ہیں وہ دِن آج ہے تھی خبر جس کی کہ وہ جلوہ دکھاتے جائیں گے
آج عیدِ عاشقاں ہے گر خُدا چاہے کہ وہ ابروئے پیوستہ کا عالَم دِکھاتے جائیں گے
کچھ خبر بھی ہے فقیرو آج وہ دِن ہے کہ وہ نعمتِ خُلد اپنے صدقے میں لُٹاتے جائیں گے
وسعتیں دِی ہیں خُدا نے دامنِ محبوب کو جُرْم کھلتے جائیں گے اور وہ چھپاتے جائیں گے([1])
وضاحت: * قيامت جي ڏينهن پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شَفاعت جون خوشخبريون ٻڌائيندا هوندا، پاڻ اُمَّت جي غم ۾ روئيندا هوندا ۽ اسان کي کِلائيندا ويندا * اي حسرت جا ماريلؤ! هلو...!! هلو! ميدانِ محشر جي طرف هلو! هي اهو ئي ڏينهن آهي جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم عام جلوو ڏيکاريندا * ها! ها! اڄ يعني قيامت جو ڏينهن عاشقن جي عيد آهي، هن ڏينهن محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ڀِرُن سان اشارا ڪري بخشرائيندا ويندا * اي فقيرو! ڪجھ خبر به آهي، اڄ يعني قيامت جو ڏينهن اهو ئي ڏينهن آهي جو اُن ڏينهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي صدقي ۾ جنّت ورهائي رهيا هوندا * الحمد لله! الحمد لله! ربَّ رحمٰن پنهنجي محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دامن کي ايتري ته وسعت ڏني آهي، ايتري وسعت ڏني آهي جو سڀني مُجرمن جا ڏوھ کُلندا ويندا، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي دامنِ ڪرم ۾ لِڪائيندا ويندا.
پيارا اسلامي ڀائرو! شفاعتِ مصطفيٰ اسلام جي بنيادي عقيدن مان هڪ اهم عقيدو آهي. شَفاعت جي لفظي معنيٰ آهي: وَسيلو جڏهن ته شرعي طور تي