Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

(5) 40 حديثون ياد ڪري وٺندا!

   فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جيڪو شخص ديني معاملات جي متعلق 40 حديثون ياد ڪري منهنجي اُمت تائين پهچائي، مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪندُس ۽ ان جي لاءِ گواهي ڏيندُس.[1]

   سُبْحٰنَ اللہ! شفاعت جو حقدار بڻجڻ جي لاءِ هي به ڪيڏو پيارو طريقو آهي. حديثون ياد ڪيو! افسوس جهڙي ڳالھ آهي ته هاڻي اسان وٽ حديثون ياد ڪرڻ جو رجحان تمام گهٽ ٿي ويو آهي، پهريان جا مسلمان سوين ميلن جو پيادل سفر ڪري هڪ حديث سکڻ ويندا هئا، هاڻي ته حديثون ياد ڪرڻ، پڙهڻ گهڻو مُشڪل نه آهي. اَلحَمۡدُلله! مڪتبةُ المدينه 40 حديثن جي مجموعي تي مُشتمل ڪجھ ڪتابَ به شامل ڪيا آهن جهڙوڪ * مُنْتَخَب اَحَادِیث * فِیضانِ چَہَل حدیث * اَرْبَعِیْنِ حَنْفِیَّہ * اَلْاَرْبَعينُ النَّوَوِيَّہ. هي ڪتابَ مڪتبةُ المدينه تان حاصل ڪيو! يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ (Download) ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 40 حديثون ياد ڪرڻ جي فضيلت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

فيضانِ حديث (Faizan e Hadees) موبائل ايپليڪيشن

   هن کان علاوه الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان تمام پياري، نرالي ۽ نهايت فائدي مند موبائل ايپلي ڪيشن بنام ”فيضانِ حديث“ Play Store ۽  App Store  تي پيش ڪئي وئي آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ اوهان کي حديثِ پاڪ جا مشهور ڪتابَ جهڙوڪ * مِشۡڪٰوةُ الۡمَصابِيح ۽ ان جي آسان اردو شرح مِراٰةُ المناجِيح * رياضُ الصالحين اردو ترجمو ۽ شرح سان گڏ. ۽ چاليھ حديثن جي مجموعي تي مشتمل * اَلْأَرْبَعِیْنُ النَّوَوِیَّۃ اردو ترجمو ۽ شرح سان


 

 



[1]... مشکاۃ المصا بیح،کتاب العلم،  جز:1، جلد:1، صفحہ:68، حدیث:258۔