Book Name:Shafaat e Mustafa
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. [1]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان شَفاعتِ مصطفيٰ جي متعلق 2 روايتون ٻڌيون، اڄ جي بيان جو موضوع به شفاعتِ مصطفيٰ ئي آهي، اڄ اسان شفاعت جو بيان ٻڌنداسين * قيامت جي ڏينهن اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا شانَ ڇا هوندا * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري نرالي انداز سان، شانِ محبوبي سان پنهنجي غلامن کي جهنّم کان بچائي ڪري جنّت ۾ پهچائيندا * هن تعلق سان قرآني آيتون * پياري آقا جون پياريون پياريون حديثون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. اعليٰ حضرت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم لکن ٿا:
حِرْزِ جاں ذِکْرِ شَفاعت کیجئے! نار سے بچنے کی صُورت کیجئے!([2])
وضاحت: اي غلامانِ مصطفيٰ! اي عاشقانِ رسول! ذڪرِ شفاعت کي پنهنجي عادت بڻايو! هر وقت پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت جو ذڪر ڪندا