Book Name:Shafaat e Mustafa
فڪر آهي، ڪنهن ٻئي ڏانهن وڃو! * حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي خدمت ۾ پهچندا، ارشاد ٿيندو: نَفْسِي نَفْسِي،اِذْهَبُوْا اِلَى غَيْرِيْ * آخر حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي خدمت ۾ حاضري ٿيندي، اتان کان اهو ئي جواب ملندو[1] * سڀ کان آخر ۾ محبوبِ خُدا، مُحمدِ مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ حاضر ٿيندا، پاڻ فرمائيندا: اَنَالَہَا ها! ها! مان ئي آهيان شفاعت جي لاءِ. هاڻي مديني جا ميرَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مٿو مبارڪ سجدي ۾ رکندا، حڪمِ الٰهي ٿيندو: يَامُحمد! اِرْفَعْ رَاْسَكَ اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! پنهنجو مٿو مبارڪ کڻو! وَقُلْ يُسْمَعْ لَكَ چئو! اوهان جي ڳالھ ٻڌي ويندي. سَلْ تُعْطَهْ گُهرو! اوهان کي ڏنو ويندو. اِشْفَعْ تُشَفَّعْ شفاعت ڪريو! اوهان جي شفاعت قبول ڪئي ويندي.[2]
هاڻي سموري مخلوق تي سندن عزّت، سندن عظمت، سندن مقام، سندن رتبو، ربَّ ڪريم جي بارگاھ ۾ سندن محبوبيت جو شان واضح ٿي ويندو. جيئن ته سموري مخلوق، پنهنجا پراوا سڀئي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعريف ۾ مصروف ٿي ويندا. هي مقامِ محمود آهي.
انهن کي ئي سونهين عرشِ اعظم تي جلوس
روايتن ۾ آهي: (قيامت جي ڏينهن) ربُّ ڪريم پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عرشِ اعظم تي ويهاريندو[3] ان وقت اڳيان پويان سڀئي سندن فضيلت کي ڄاڻي