Book Name:Shafaat e Mustafa
کوئی قریبِ ترازو، کوئی لبِ کوثَر کوئی صِراط پر اُن کو پُکارتا ہو گا
یہ بےقرار کرے گی صَدا غریبوں کی مقدس آنکھوں سے تار اَشک کا بندھا ہو گا
ہزار جان فِدا نَرْم نَرْم پاؤں سے پکار سُن کے اَسیروں کی دوڑتا ہو گا
عزیز بچہ کو ماں کو جس طرح تلاش کرے خدا گواہ یہی حال آپ کا ہو گا ([1])
هي دنياوي لحاظ سان هڪ سمجهائڻ جو مثال آهي: جيڪڏهن ڪنهن ماءُ جو ٻارُ گُم ٿي وڃي، ان جو ڇا حال ٿيندو آهي، ڪهڙي شوق، ڪهڙي محبت ۽ ڪهڙي فڪر سان اها پنهنجي ٻارَ کي ڳوليندي آهي، اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جي ڏينهن انهيءَ انداز سان پنهنجي غلامن کي ڳولي رهيا هوندا.
قيامت جي ڏينهن اوهان کي ڪٿي ڳوليان؟
صحابيءِ رسول حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت جي ڏينهن منهنجي شفاعت فرمائجو. فرمايائون: اَنَا فَاعِلٌ ها! ڪندُس. عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! * پوءِ قيامت جي ڏينهن اوهان کي ڪٿي ڳوليان؟ فرمايائون: پُلصراط وٽ اچي وڃجانءِ * عرض ڪيائون: اتي نه لهان ته ڪٿي ڳوليان؟ فرمايائون: پوءِ ميزان وٽ اچي وڃجانءِ. * عرض ڪيائون: اتي به نه لهان ته؟ فرمايائون: حوضِ ڪوثر تي اچي وڃجانءِ.[2]
ڄڻ فرمائي رهيا آهن: اي انس! ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هنن 3 جڳھن تي هوندي. مان پُلصراط جي ويجهو رَبّ سَلِّم چئي رهيو هوندس، پنهنجي