Book Name:Shafaat e Mustafa
گڏ * اَلْأَرْبَعِیْنِ حَنفِيّه (اردو) * ۽ مُنْتَخَب اَحَادِیث ۽ (اردو) شامل ڪيون ويون آهن. * هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توهان مبارڪ حديثن کي ڪتابي صورت ۾ (يعني جلدن جي اعتبار سان) به پڙهي سگهو ٿا ۽ مختلف موضوعن جي اعتبار سان پنهنجي مطلوبه موضوع جو مطالعو به ڪري سگهو ٿا * سرچ آپشن به موجود آهي، جنهن جي مدد سان توهان مڪمل ڪتاب ۾ يا هڪ حديث ۾ مختلف الفاظ ۽ مڪمل جملو به سرچ ڪري سگهو ٿا * حديثِ پاڪ جو عربي مَتن اعراب سان گڏ ۽ بنا اعراب جي، ٻنهي طرح ڏسڻ جي سهولت موجود آهي * مطالعي جا نوٽس محفوظ ڪرڻ جي لاءِ پسنديده حديثن کي Favorite ڪرڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي * اهڙيءَ طرح هن ايپلي ڪيشن ۾ مختلف فائونٽس ۽ حديثون شيئرنگ جي سهولت به ڏني وئي آهي. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪيو! پاڻ به حديثِ پاڪ جو فيضان لُٽيو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو!
الله پاڪ اسان کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت جو حقدار بڻائڻ وارا هي تمام ڪم ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! قيامت جي ڏينهن شفاعتِ مصطفيٰ نصيب ٿئي ۽ ان جي صدقي اسان جنّت جا حقدار بڻجي وڃون.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: درس
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي احڪامن، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت جي مطابق زندگي گذارڻ، شفاعتِ مطصفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو حقدار بڻائڻ وارن ڪمن جو جذبو ماڻڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني