Book Name:Shafaat e Mustafa
وضاحت: اي اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان ئي اسلام ڏنو، اوهان ئي پنهنجي جماعت ۾ ورتو، اوهان ڪريم آهيو ته ڇا ڪرم وارن جي عطا واپس ورتي ويندي آهي؟ (نه ائين ناهي، ڪريم ڪجھ عطا ڪندا آهن ته واپس ناهن وٺندا، تنهنڪري اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! منهنجو ايمان سلامت رهندو)
ايمان جو بُنياد عشق تي رکو!
البت هتي هڪ ڳالھ جي وضاحت ڪري ڇڏيان: ايمان جي اصل دل جي تصديق آهي.[1] يعني ايمان دل جو معاملو آهي ۽ دل جي معاملي ۾ عقل جو ڪو دخل ناهي هوندو. چوڻ جو مقصد هي آهي ته الحمد لله! اسان مومن آهيون، الله پاڪ اسان کي ايمان تي استقامت بخشي، جيترا ايمانيات آهن * الله پاڪ تي ايمان * رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي ايمان * نبين تي ايمان * ڪتابن تي ايمان، هي سڀئي جيڪي ايمان جا بُنياد آهن، انهن سڀني تي اسان جو يقين عشق جي حد تائين هجڻ گهرجي، ايمان جو بنياد عقل تي نه رکو، نه ته ڀٽڪڻ جو خطرو تمام گهڻو رهندو. شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
اِیْمَان سَلَامَتْ ہَرْ کَوْئی مَنگِے، عِشْقْ سَلَامَتْ کَوْئی ہُو
يعني ايمان جي بنياد جيڪڏهن عقل تي رکندا ته عقل ڀٽڪي وڃي ٿي، عقل ٺوڪر کائي ٿي، تنهنڪري ايمان جي بنياد عشق تي رکو، الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بي پناهه محبت تي رکو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان کَسجي وڃڻ جو خطرو تمام گهٽ ٿي ويندو.