Book Name:Shafaat e Mustafa
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنّتون ۽ آداب
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جڏهن توهان ڪنهن ٻانهي کي ڏسو ته ان کي دنيا کان بي رغبتي ۽ گهٽ ڳالهائڻ جي نعمت عطا ڪئي وئي آهي ته ان جي قربت ۽ صحبت اختيار ڪريو ڇوته ان کي حڪمت ڏني ويندي آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! مسڪرائي ڪري ۽ کلندڙ پيشاني سان ڳالھ ٻولھ ڪريو مسلمانن جي دلداري جي نيّت سان ننڍن سان شفقت ڀريو ۽ وڏن سان ادب وارو انداز رکو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب به ملندو ۽ ننڍا وڏا توهان جي عزت ڪندا رڙيون ڪري ڳالهائڻ سنّت ناهي چڱي چڱي نيّتن سان ننڍن ٻارن سان به توهان جناب سان ڳالهائڻ جي عادت بڻايو، توهان جا اخلاق به اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عمده ٿيندا ۽ ٻار به آداب سکندا. * ڳالھ ٻولھ ڪرڻ وقت پردي جي جڳھ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين جي ذريعي جسم جي ميراڻ لاهڻ، ٻين جي سامهون باربار نڪ کي ڇهڻ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿڪندي رهڻ چڱي ڳالھ ناهي، ان سان ٻين کي نفرت ٿيندي آهي * جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي، اطمينان سان ٻڌو. ان جي ڳالھ ڪٽي ڪري پنهنجي ڳالھ شروع ڪري ڇڏڻ سنّت ناهي * ڳالھ ٻولھ ڪرڻ وقت بلڪ ڪهڙيءَ به حالت ۾ ٽهڪ نه لڳايو جو سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪڏهن به ٽهڪُ نه ڏنو * بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت بچڻ