Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

تحريڪ دعوتِ اِسلامي سان هردم وابسته رهو، 12 ديني ڪمن ۾ خوب خوب حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: درس به آهي.

مسجد ۾ علمِ دين سکڻ سنتِ مصطفيٰ آهي: اسان جا نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مسجدِ نبوي ۾ علمِ دين سيکاريندا هئا ۽ صحابهءِ ڪرام سکندا هئا[1] وڏن وڏن ولِيَن ۽ عالِمن سڳورن جو هي طريقو رهيو آهي.

الحمد لله! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن نيڪ ڪم جي سعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مسجد ۾ درس ڏيڻ جو اهتمام ڪندا آهن. * اوهان به هن ۾ شرڪت ڪندا ڪريو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو * اوتري دير مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ نصيب ٿيندو * گَهران ئي درس ۾ شرڪت جي نيت ڪري هلنداسين ته راھِ علمِ دين ۾ هلڻ جو ثواب ملندو * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مخلوقات ايستائين جو دريا جون مَڇون به دعا ڪنديون. اچو! اوهان جي ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو. جيئن ته

خوفِ خدا سبب روئڻ جي مٺاڻ

    هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مشڪبار ديني ماحول سان وابستگي کان پهريان فلمون ڊراما ڏسڻ جو بيحد شوقين هو، گناهن ۾ ايتري قدر ڦاٿل هو جو ان کي پنهنجي زندگي جي قيمتي گھڙين جي برباد ٿيڻ جو احساس تائين نه هو۔ ان جي زندگي ۾ ڪجھ هن طرح بهار آئي ته ان جي علائقي جي مسجد ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ فيضانِ سنّت جو درس ڏيندو هو۔ هڪ ڏينهن هو به درس ۾ شريڪ ٿي ويو، درس ٻڌائين ته گھڻو وڻيو، علم جون کوڙ ڳالهيون


 

 



[1]... مرآۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:239ماخوذاً۔