Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

مقامِ محمود جي وضاحت

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي مقامِ محمود ڇا آهي؟ قيامت جي ڏينهن جڏهن رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي مقامِ محمود تي فائز ڪيو ويندو، اهو ڪيڏو ته حسين ۽ جميل ۽ نرالو منظر هوندو، مولانا حَسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

فقط اتنا سبب ہے، انعقادِ بزمِ محشر کا                                                            کہ اُن کی شانِ محبوبی دکھائی جانے والی ہے([1])

وضاحت: يعني الله پاڪ ڄاڻي ٿو ته ڪنهن ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا آهن؟ ڪير ايمان وارو آهي؟ ڪير غير مُسلم آهي؟ ۽ اسان جي گَهڙي گَهڙي جو اعمال نامو به تيار ٿي رهيو آهي، زمين به اسان جي گواھ بڻجي رهي آهي، اسان جا عضوا به اسان جا گواھ بڻجي رهيا آهن؟ پوءِ ان جي باوجود قيامت جو اهو ڏينهن ڇو رکيو ويو؟ جڏهن خبر آهي ته ڪنهن ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما ڪيا آهن؟ ڪير جنّتي آهي؟ ڪير جهنّمي آهي؟ پوءِ قيامت جو ميدان ڇو؟ جيڪو جنّتي آهي، ان کي جنّت ۾ موڪليو وڃي، جيڪو جهنّمي آهي، ان کي جهنّم ۾ موڪليو وڃي پر ربِّ ڪائنات قيامت جو ڏينهن رکيو، ڇو؟ ان ڪري ته جيئن ان ڏينهن سڄي مخلوق، اڳيان پويان سڀئي محبوبَ مدني جا شانَ پنهنجي اکين سان ڏسي وٺن.

 الله! الله! قيامت جي ڏينهن نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڪهڙا ڪهڙا شانَ ڏيکاريا ويندا، ڪجھ حديثن جو خلاصو ٻڌندا! پياري نبي، سچي ۽ سهڻي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خصوصيت آهي ته قيامت جي ڏينهن سڀني کان پهريان پاڻ ئي روضي مبارڪ مان ٻاهر تشريف وٺي ايندا * سُبْحٰنَ اللہ! جيئن ئي پاڻ نوراني قبر


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:232۔