Book Name:Shafaat e Mustafa
حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ زَارَ قَبْرِيْ وَجَبَتْ لَهُ شَفَاعَتِيْ يعني جنهن منهنجي قبر جي زيارت ڪئي، ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي وئي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو: جيڪو مديني شريف حاضر ٿي وڃي، نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نوراني روضي جي زيارت جي سعادت ماڻي، ان جي لاءِ شفاعت واجب ٿي ويندي آهي، تنهنڪري پنهنجي دل ۾ مديني جو شوق وڌائڻ گهرجي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙي به طرح اسان جي به مديني شريف حاضري ٿي وڃي، ان ڪري دُرودِ پاڪ جي ڪثرت فرمايو * تهجد پڙهو * راتين جو عبادت ڪيو * هر نماز کان بعد مديني وڃڻ جي دعا ڪيو * مديني جي يادن ۾ لڙڪ لاڙيو * ۽ گڏوگڏ مديني وڃڻ جون ڪوششون به فرمايو، ضرورت پوڻ تي ماڻهو پنهنجا پلاٽ وڪڻي ڇڏيندا آهن، گاڏيون وڪڻي ڇڏيندا آهن، رُپيو رُپيو ڪري رقم جمع به ڪندا آهن، جڏهن دنياوي ضرورتن جي لاءِ هي سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو ته مديني وڃڻ جي لاءِ ڇو نه ٿا ڪري سگهون. خير! جنهن جو جيترو شوق، جنهن جا جهڙا حالات...!! بهرحال! اسان جي اندر مديني جو شوق ته هجڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي هي شوق نصيب فرمائي.
یامصطَفٰے عطا ہو اب اِذن حاضِری کا کرلوں نظارہ آکر میں آپ کی گلی کا
اِک بار تو دِکھا دو رَمَضان میں مدینہ بیشک بنالو آقا مِہمان دو گھڑی کا([2])