Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

ايمان ڪهڙو هجڻ گهرجي...!!

  امام فَخرُ الدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا امام آهن، نهايت ماهر عالِمَ هئا. سندن جڏهن آخري وقت آيو ته شيطان اچي ويو، چوڻ لڳو: رازي! الله هڪ آهي، ان تي ڪو دليل (Argument) ڏيو! امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ دليل ڏنو، شيطان خبيث پنهنجي غلط خيال سان اهو دليل ٽوڙي ڇڏيو، امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ٻيو دليل ڏنو، شيطان اهو دليل به ٽوڙي ڇڏيو، امام صاحب ٽيون دليل ڏنو، شيطان ان تي به اعتراض ڪيو. ايستائين جو امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٽي سؤ سٺ (360) دليلَ ڏنا، شيطان هڪ هڪ ڪري سڀ دليلَ ٽُوڙي ڇڏيا. امام صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا مرشد تمام پري ڪٿي وضو فرمائي رهيا هئا، سندن روحاني طاقت سان جڏهن هي معاملو ڏٺو ته اتان فرمايائون: رازي چئو ڇو نٿا ته مون خدا کي بغير ڪنهن دليل جي هڪ مڃي ورتو آهي. امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مُرشد جي ڳالھ مڃي، جيئن ئي هي چيو، سندن دَم نڪري ويو.[1]

گزر جا عقل سے آگے کہ یہ نُور                                                                                                چراغِ راہ ہے، منزل نہیں ہے

(2): شَفاعت تي ايمان

   پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جي ڏينهن شفاعتِ مُصطفيٰ ماڻڻ جي لاءِ اَڄ، هن دنياوي زندگي ۾ شفاعت تي ڪامل يقين هجڻ به ضروري آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: شفاعت فرمائڻ واري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:


 

 



[1]...الملفوظ، حصہ:4، صفحہ:493، 494۔