Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

ڪنهن جي لاءِ خير گُهرڻ شَفاعت چورائيندو آهي.[1] * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جي ڏينهن شَفاعت فرمائيندا ۽ سندن شفاعت قبول ڪئي ويندي، هن ڳالھ جو عقيدو رکڻ واجب آهي،[2] * شفاعتِ مصطفيٰ جو انڪار ڪُفر آهي.[3] ڇو ڪُفر آهي؟ ان ڪري جو جيڪو شفاعت جو انڪاري آهي اهو قرآني آيتن جو انڪاري آهي، جيڪو شفاعت جو انڪاري آهي، اهو پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري حديثن جو انڪاري آهي ۽ جيڪو قرآن جي آيتن جو انڪار ڪري، اهو مسلمان نه ٿو رهي سگهي. ان ڪري شفاعت جو انڪار ڪرڻ وارو دائرهءِ اسلام مان نڪري ويندو آهي.

شَفاعت بابت قرآني آيتون

 هتي هڪ معلوماتي ڳالھ عرض ڪري ڇڏيا: قرآنِ ڪريم ۾ شفاعت بابت 2 قسمن (Two types) جون آيتون آهن: (1): هڪ قسم جون آيتون اهي آهن، جن ۾ شفاعت جي نفي آهي يعني هي فرمايو ويو آهي ته قيامت واري ڏينهن ڪا شَفاعت نه ٿيندي. مثال طور تي سيپارو: 3، سورت بقرة، آيت: 254 ۾ آهي:

یَوْمٌ لَّا بَیْعٌ فِیْهِ وَ لَا خُلَّةٌ وَّ لَا شَفَاعَةٌؕ-

ترجمو ڪنزُالعرفان: اُن ڏينهن، جنھن ۾ نه ڪا خريداري ٿيندي، نه ڪافرن جي لاءِ ڪا دوستي ۽ نه ئي ڪا سفارش ٿيندي."

  هاڻي ڏسو! هن آيتِ ڪريمه ۾ صاف فرمايو ويو ته قيامت واري ڏينهن ڪا شفاعت نه آهي.


 

 



[1]... شرح الصاوی علی جوہرۃ التوحید، صفحہ:400۔

[2]... شرح الصاوی علی جوہرۃ التوحید، صفحہ:400۔

[3]... بحرالرائق،کتاب الصلاۃ، باب الامامۃ، جلد1، صفحہ:611 ۔