Book Name:Shafaat e Mustafa
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي پياري روايت آهي، 10 ڀيرا درود شريف پڙهڻ ۾ وقت ئي ڪيترو لڳندو آهي، شايد هڪ کان ڏيڍ منٽ... جيڪڏهن اسان همت ڪيون، پنهنجو ذهن پڪو بڻايون، روزانو 10 ڀيرا صبح جو ۽ 10 ڀيرا شام جو دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي سعادت ماڻيون، ان جو ڪيڏو عظيم اجر نصيب ٿيندو جو اسان جا آقا، پيارا آقا، محبوب آقا، شفاعت فرمائڻ وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جي ڏينهن پنهنجي شَفاعت مان حصو نصيب فرمائيندا. تنهنڪري اڄ کان ئي دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻايو! هن جا ڪهڙا ڪهڙا فضائل آهن، اچو! حديثِ پاڪ جي روشني ۾ قيامت جو هڪ ايمان افروز منظر توهان کي ٻڌايان ٿو:
نيڪين جو پُڙ وزني ڪيئن ٿيو...؟
حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن قيامت جي ڏينهن جي خبر ڏيندي فرمايو: قيامت جو ڏينهن هوندو، حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سبز لباس پهري، عرشِ الٰهي جي ڇانوَ ۾ تشريف فرما هوندا ۽ ڏسي رهيا هوندا ته سندن اولاد مان ڪير ڪير جنّت ۾ وڃي رهيو آهي ۽ ڪنهن ڪنهن کي دوزخ ۾ اڇلايو پيو وڃي. ايتري ۾ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي نظر نبين جي تاجدار، احمدِ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ اُمّتي تي پَوندي، ملائڪَ ان کي جهنّم (Hell) جي طرف وٺي وڃي رهيا هوندا، هي ڏسي ڪري حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم آواز ڏيندو: یَا اَحْمَدُ! یَا اَحْمَدُ! اي احمد! اي احمد!
الله! الله! اي عاشقانِ رسول! قربان وڃو! اهو قيامت جو منظر...! اهو هولناڪ ڏينهن جڏهن هرهڪ کي بَس پنهنجي پنهنجي لڳل هوندي، سڳي ماءُ به اولاد کان دامن ڇڏائي رهي هوندي، اسان جا آقا ۽ مولا، اسان کي بخشرائڻ وارا آقا، رحم فرمائڻ وارا آقا، جنّت ۾ پهچائڻ وارا آقا، مالِڪِ جنّت، صاحبِ ڪوثر،