Book Name:Shafaat e Mustafa
وٺندا،[1] هر زبان سندن تعريف ۾ مصروف ٿي ويندي.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي شفاعتِ ڪُبريٰ آهي، جنهن جو دروازو رسولِ اڪرم، نورِ مُجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کولرائيندا، پوءِ ان کان بعد سندن صدقي ۾ سڀئي نبي، ولي، غوث، قُطب، ابدال، ايستائين جو عُلماءِ ڪرام، حافظ سڳورا، حاجي وغيره سڀ شَفاعت ڪندا.
سُبْحٰنَ اللہ! اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جي ڏينهن اسان جي شَفاعت فرمائيندا، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اچو! ڪجھ مبارڪ حديثون ٻڌون ٿا: پياري نبي، سهڻي نبي، سچي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مونکي اختيار ڏنو ويو ته اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 2 ڳالهيون آهن: (1): هڪ هيءَ ته اوهان جي اڌ اُمت کي جنّت عطا ڪئي وڃي ٿي (2): ٻئي هيءَ ته شفاعت جي اجازت عطا ڪئي وڃي ٿي، ٻنهي مان هڪ اختيار فرمايو! نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: فَاخْتَرْتُ الشَّفَاعَةَ، لِاَ نَّهَا أَعَمُّ وَ اَکْفَیٰ مون شفاعت کي اختيار ڪري ورتو ڇو ته هن ۾ گنجائش وڌيڪ آهي[3] (يعني شفاعت جي ذريعي مان اڌ نه بلڪه سڄي امت کي بخشرائي وٺندُس) پياري نبي، مُحمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: شَفَاعَتِيْ لِلْهَالِكِيْنَ مِنْ اُمَّتِيْ منهنجي شفاعت منهنجي اُمت جي انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جن کي گناھن