Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

(4): اذان جو جواب ڏيندا!

 پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جنهن اذان ٻڌي ڪري هي چيو:

اللَّهُمَّ ‌رَبَّ ‌هَذِهِ ‌الدَّعْوَةِ التَّامَّةِ، وَالصَّلَاةِ الْقَائِمَةِ، اٰتِ مُحَمَّدًا الْوَسِيلَةَ وَالْفَضِيلَةَ، وَابْعَثْهُ مَقَامًا مَحْمُودَانِ الَّذِي وَعَدْتَهُ

ترجمو: اي الله پاڪ هن دعوتِ تامه ۽ صلوٰةِ قائمه جا مالڪ تون اسان جي سردار حضرت محمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) کي وسيلو ۽ فضيلت ۽ تمام بُلند درجو عطا فرماءِ ۽ انهن کي مقامِ محمود ۾ بيهار جنهن جو تو انهن سان واعدو ڪيو آهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت حلال ٿي وئي. [1]

 سُبْحٰنَ اللہ! ڪيترو آسان طريقو آهي...!! روزانو 5 ڀيرا اَذان ٿيندي آهي، اسان ٻڌندا به آهيون، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سڀ ڪم ڪار ڇڏي ڪري اَذان ڏانهن ڪن لڳايون، پوري توجھ سان اَذان ٻڌون، اَذان جو جواب ڏيون، جڏهن اَذان ٿي وڃي ته بعد ۾ اَذان جي دعا پڙهون ۽ خوش نصيبي! نماز جي تياري شروع ڪري ڇڏيون. برڪتون ئي برڪتون ملنديون. روايتُن جي مطابق جيڪو اسلامي ڀاءُ پنجن اَذانن جو جواب ڏي، ان کي 1 ڪروڙ 54 لک (Million:15.4) نيڪيون ملنديون آهن.[2]


 

 



[1]...بخاری،کتاب الاذان، باب الدعا عند النداء، صفحہ:217، حدیث:614۔

[2]... مشکاۃ المصا بیح،کتاب العلم،  جز:1، جلد:1، صفحہ:68، حدیث:258۔