Book Name:Shafaat e Mustafa
رهو! هن سان ڇا ٿيندو؟ جهنّم کان آزادي جي صورت بڻجي ويندي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اُن کے دَر پر بیٹھئے! بن کر فقیر بےنواؤ! فِکْرِ ثَرْوَت کیجئے!
نعرہ کیجے یا رسولَ اللہ کا مُفلِسو! سامانِ دَولت کیجئے!([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت حَرب بن سُريج رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان امام زينُ العابدين جي شهزادي امام محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيُم: اي پيارا امام! عراق وارا ماڻهو چون ٿا: قيامت جي ڏينهن پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شفاعت فرمائيندا. ڇا هي شفاعت حق آهي؟ حضرت امام محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪي اهلبيتِ پاڪ جا چشم و چراغ آهن، پاڻ فرمايائون: خُدا جو قَسم! شفاعت حق آهي. مونکي حضرت محمد بن حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حديث بيان ڪئي، انهن مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت عليُّ المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان حديث شريف ٻُڌي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان، رحمتِ دوعالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مان قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو ويندس، ڪندو ويندس، ايستائين جو منهنجو ربُّ مونکي فرمائيندو: اَرَضِیْتَ یَا مُحَمَّدُ! يعني اي پيارا محبوب! ڇا اوهان راضي ٿي ويا؟ مان عرض ڪندس: رَبِّ !رَضِیْتُ اي منهنجا پاڪ ربَّ! مان راضي آهيان.[2]