Book Name:Shafaat e Mustafa
ڪندو رهندُس، ڪندو رهندُس، ايستائين جو جيڪي جهنّم ۾ پهچي چُڪا هوندا، انهن جون به چِٽيون ملي وينديون، مان انهن کي جهنّم مان ڪڍي ايندُس، ايستائين جو جهنّم تي مقرر ملائڪ حضرت مالڪ (عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم) عرض ڪندا: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان پنهنجي اُمت ۾ نالي جو به ربَّ جو غضب باقي نه رهڻ ڏنو[1] (يعني سڀني کي ئي جهنّم مان ڪڍي ڇڏيو آهي).
تمہارا نام مصیبت میں جب لیا ہو گا ہمارا بِگڑا ہوا کام بن گیا ہو گا
گناہگار پہ جب لُطْف آپ کا ہو گا کیا بغیر کیا، بے کیا، کیا، ہو گا
دِکھائی جائے گی محشر میں شانِ محبوبی کہ آپ ہی کی خوشی آپ کا کہا ہو گا
خُدائے پاک کی چاہیں گے اگلے پچھلے خوشی خدائے پاک خوشی اُن کی چاہتا ہو گا([2])
قيامت جي ڏينهن محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گنھگار اُمت تي ڪهڙو ڪرم فرمائيندا، امت سان ڪهڙو نرالو محبت جو اظهار ٿيندو...!! پاڻ مالڪِ جنّت آهن، چاهين ته سڀ کان پهريان جنّت ۾ تشريف وٺي وڃن بلڪه جنّت جو دروازو پاڻ ئي کولرائيندا پر قربان وڃو! اهڙي عظيم محبت...!! اسان گنھگارن تي اهڙين ڪرم نوازين تي قربان وڃو! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڇا ته نرالو انداز هوندو...؟ مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
کسی کے پاؤں کی بیڑی یہ کاٹتے ہوں گے کوئی اسیرِ غم اُن کو پُکارتا ہو گا
کوئی کہے گا دُہائی ہے یارسولَ اللہ! تو کوئی تھام کے دامن مَچَل گیا ہو گا
پکڑ کے ہاتھ کوئی حالِ دِل سُنائے گا تو رَو کے قدموں سے کوئی لپٹ گیا ہو گا