Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

شَفَاعَتِيْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ حَقٌّ قيامت جي ڏينهن شفاعت فرمائيندُس فَمَنْ لَمْ يُؤْمِنْ بِهَا لَمْ يَکُنْ مِنْ أَهْلِهَا جيڪو ان تي ايمان نه آڻيندو ان جي قابل نه هوندو.[1]

آج لے اُن کی پناہ، آج مدد مانگ اُن سے                              پھر  نہ مانیں گے قِیامت میں اگر مَان گیا ([2])

 اَڄ هي يقين رکڻو آهي ته شفاعتِ ڪُبريٰ جو منصب محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو  آهي. اڄ هي يقين رکڻو آهي ته قيامت جي ڏينهن محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شانِ محبوبي ڏيکاري ويندي، پاڻ شفاعت فرمائيندا ۽ گنھگارن کي جنّت ۾ پهچائيندا.

تمنّا ہے فرمائیے روزِ محشر                                                                                                       یہ تیری رہائی کی چِٹّھی ملی ہے

شَفاعت کرے حشر میں جو رضؔا کی                                                               سوا تیرے کس کو یہ قُدْرت ملی ہے([3])

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! خواهش هيءَ آهي ته جڏهن قيامت واري ڏينهن حاضري ٿئي ته اوهان فرمايو! اي رضا! تنهنجي لاءِ هي جهنّم کان آزادي جي خوشخبري ملي آهي. اي  پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! رضا جي شفاعت ڪرڻ اوهان جو ئي ڪم آهي، اوهان کانسواءِ ڪنهن کي هيءَ طاقت ناهي ڏني وئي.


 

 



[1]... جامع صغیر،صفحہ:301، حدیث:4896۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:56۔

[3]...حدائقِ بخشش، صفحہ:188 ملتقطًا۔