Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

جيستائين مان ان کي پنهنجي جان کان وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان، منهنجي اولاد ان کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ، انهن جون جانيون ان کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ ۽ منهنجا گهر وارا اُن کي پنهنجي گهر وارن کان وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃن .دلين ۾ اهل بيت ۽ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شهزادن ۽ شهزادين جي عقيدت ۽ محبت پيدا ڪرڻ لاءِ، مڪتبة المدينه هڪ تمام پيارو ڪتاب شايع ڪيو آهي. بنام "آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا شهزادا ۽ شهزاديون". پنهنجي دلين کي محبت اهل بيت سان ڀرڻ لاءِ، اڄ ئي هي ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 100 روپين ۾ طلب ڪريو. پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو!

                * شعبه تقسيم رسائل طرفان ربيع الاوّل ۾ پيش ڪيل "فيضانِ ميلاد پيڪيج" جنهن ۾ 9 وڏا رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهن. صرف 200 روپين ۾ مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان حاصل ڪريو!

 * موٽر سائيڪل، گاڏين، ٻارن ۽ وڏن جي هٿن ۾ لهرائڻ لاءِ مختلف سائيزن جا مدني جهنڊا مڪتبة المدينه تان قيمت ڏئي حاصل ڪريو.

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]


 

 



[1]...تاریخ ِ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔