Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

   حضرت حَرب بن سُريج رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: امام محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هي حديث شريف ٻڌائڻ کان بعد فرمايو: اي عراق وارؤ! توهان ڇا ٿا سمجهو ته قرآنِ پاڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اميد ڏيارڻ واري آيت هيءَ آهي؟

لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ-

ترجمو ڪنزُ العرفان: الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو

 (سيپارو: 24، سورت زُمر: 53)

مون عرض ڪيو: جي ها! اسان جي خيال ۾ ته هيءَ ئي آيت وڌيڪ اميد ڏيارڻ واري آهي (هن ۾ الله پاڪ سڀني گنھگارن کي فرمائي ڇڏيو آهي ته الله  پاڪ جي رحمت کان  مايوس نه ٿي وڃو! بيشڪ الله پاڪ اسان سڀني جا گناھ بخشي ڇڏيندو آهي) امام محمد فرمايو: پر اسان اهلبيت پاڪ جو مُتفقه فيصلو آهي ته قرآنِ ڪريم ۾ سڀ کان وڌيڪ اُميد ڏيارڻ واري آيت هيءَ آهي: [1]

وَ لَسَوْفَ یُعْطِیْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰىؕ(۵)

ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ قريب آهي جو تنهنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين. (سيپارو: 30، سورت والضحيٰ:5)

   هن ۾ الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان واعدو فرمايو آهي ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ايترو عطا فرمائيندو جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم راضي ٿي ويندا ۽ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عاليشان آهي: جيستائين منهنجو هڪ به اُمَّتي جهنم ۾ هوندو، مان راضي نه ٿيندس.[2]


 

 



[1]...حلیۃ الاولیا، جلد:3، صفحہ:209، 210، حدیث:3725۔

[2]...  المحرر الوجیز لابن عطیہ، پارہ:30، سورۂ والضحیٰ، زیرِ آیت:5، جلد:5، صفحہ:494۔