Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

هاڻي هي هڪ خاص واقعو آهي، مختصر ڳالھ آهي. * پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منبر تي خطبو ارشاد فرمائي نه رهيا هئا * درس نه ڏئي رهيا هئا * غير مُسۡلمن کي نيڪي جي دعوت ارشاد نه فرمائي رهيا هئا * ڪنهن آيت جي تشريح نه ٿي رهي هئي* بلڪ عام نَارمل حالت آهي، اسان وٽ به ٻار بعض اوقات غمگين ٿي ويندا آهن. اُداس ٿيندا آهن، اسان به انهن کي رجهائيندا آهيون پر قربان وڃو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صرف هڪ غمگين ٻار کي ريجهائڻ خاطر ان جي دل کي تسڪين ڏيڻ جي لاءِ صرف ٻه جملا ارشاد فرمايا، پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو هي فرمانِ ذيشان به دين ۾ وڏو مقام رکي ٿو، عالم سڳورن هن حديث پاڪ جا 400 فائدا بيان ڪيا آهن.[1]

سُبْحٰنَ الله! هي مصطفيٰ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي ڪلام جو شان آهي...! پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رڳو مِزاح ۾ ڪلام فرمائن ته اُن مان ڪنهن ڪم جي صرف ترغيب ناهي...!! ترغيب معمولي هوندي آهي، ترغيب ته اسان عام ماڻهن جي جملن مان به وٺي سگهون ٿا. پر الله وارا جيڪي هوندا آهن، اهي ٻارن جي معمولي ڳالهين مان به عبرت جا مدني گل ڪڍي وٺندا آهن، يعني ترغيب ٻي شيءِ هوندي آهي، فوائد ۽ مسائل ٻيا هوندا آهن، قربان وڃان! محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مذاح ڀري ڪلام پاڪ مان 400 فائدا بيان ڪيا ويا آهن. جڏهن مذاح واري گفتگو جي اها شان آهي ته جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  منبر تي جيڪي خطبا ڏيندا هئا، انهن جي شان ڇا هوندي!

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا:

میں نثار تیرے کلام پر، ملی یُوں تو کس کو زباں نہیں

وہ سخن ہے جس میں سخن نہ ہو، وہ بیاں ہے جس کا بیاں نہیں([2])


 

 



[1]  نیل الابتہاج، رقم:541، صفحہ:411۔

[2]... شانِ حبیب الرحمٰن ، صفحہ:۔