Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

وَ مَا یَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰىؕ(۳) (پارہ:27، سورۂ نَجْم :3  )

ترجموڪنزُالعرفان:  ۽ اهو ڪا ڳالهه پنهنجي خواهش سان نه ٿو چوي.

اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نفس جي خواهش سان ڪلام ناهن ڪندا. هاڻي غور ڪريو! اسان جي حالت ڇا آهي؟ شايد اسان جون 100 مان 99 ڳالهيون نفس جي خواهش جي ڪري ٿينديون آهن. *دل چاهيو ڳالهيون ڪيان، ته ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، دل چاهيو مزاحيه گفتگو ڪجي، ته مزاحيه گفتگو ڪرڻ شروع ٿي ويا* نفس چاهيندو آهي، ته اسان پنهنجي ئي تعريف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون. * پنهنجين لڪيل نيڪين کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان تي پنهنجي وڏائي بيان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون. * نفس چاهيندو آهي ته ماڻهو غيبتون به ڪندا آهن، * چغليون به ڪندا آهن، *ڪوڙ به ڳالهائيندا آهن، * مذاق مسخري جون محفلون به سجنديون آهن، * هڪٻئي کي طعنا به ڏيندا آهن  * فضول ڳالهيون به ٿينديون آهن  * زبان ذريعي گناهن جو ڍير لڳايو ويندو آهي.

هيءَ حقيقت آهي ته اسان تي وحي نه ايندي، وحي جو دروازو بند ٿي چڪو آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي بڻجي اچي چڪا آهن، هاڻي قيامت تائين ڪو به نئون نبي نه ايندو، ڪنهن تي وحي نه ايندي. يعني جيتوڻيڪ اسان وحي ذريعي ڪلام نٿا ڪري سگهون پر رب جي رضا لاءِ ته ڪري سگهون ٿا...!! الله پاڪ جن ڳالهين کان ناراض ٿيندو آهي، انهن ڳالهين کان ته بچي سگهون ٿا، جن ڳالهين ۾ الله پاڪ جي رضا ملي ٿي، اهي ڳالهيون ته اسان ڪري سگهون ٿا.

پر افسوس! اڄ عجيب دور اچي ويو آهي، * جن ڳالهين ۾ الله پاڪ جي رضا آهي، اهي ڳالهائيندي اسان کي شرم ٿو اچي، جهجڪ محسوس ٿي ٿئي.