Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

هتي غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي. سائنسي لحاظ سان پاڻي نمڪين ۽ ڪؤڙو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ان ۾ ٻاهر کان ڪجهه شيون شامل ٿي وينديون آهن. پاڻيءَ جو اصل فارمولو آهي  H2O(ايڇ، ٽو، او) يعني ٻه حصا هائيڊروجن ۽ هڪ حصو آڪسيجن هجي ته پاڻي ٺهي ويندو آهي. هاڻي پاڻي جڏهن برسات ۾ وسندو آهي، زمين تي وهندو آهي، زمين جي اندر هليو ويندو آهي ته ان ۾ ٻيون شيون به شامل ٿي وينديون آهن، مثلاً سوڊيم ڪلورائيڊ، ميگنيشيم، ڪيلشيم ڪاربونيٽ، پوٽاشيم وغيره معدنيات جڏهن پاڻي ۾ شامل ٿينديون آهن ته پاڻيءَ جو ذائقو بدلجي ويندو آهي، پاڻي نمڪين يا ڪڙو ٿي ويندو آهي ۽ پيئڻ لائق ناهي رهندو. پوءِ هنن معدنيات کي ڪڍڻ لاءِ اسان وٽ لکين روپين جا پلانٽ لڳايا ويندا آهن، ڪيترن ئي قسمن جا ڪيميڪلز ملائي، لکين روپيه خرچ ڪري، گهڻو وقت لڳائڻ کان بعد پاڻي مان اضافي معدنيات ڪڍيون وينديون آهن، پوءِ به پاڻيءَ جو اصل ذائقو واپس ناهي ايندو. پر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته * ڪو پلانٽ نه لڳايو ويو * پاڻي کي ڇاڻيو به نه * ان ۾ لعاب (ٿڪ مبارڪ) به نه وڌي وئي. * بس حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نالو ئي بدليو آهي، ايترو چوڻ ئي سان پاڻي ۾ شامل تمام اضافي معدنيات نڪري به ويون، پاڻي نکري ڪري صاف به ٿي ويو ۽ صاف به اهڙو ٿيو جو ان جي حقيقت ئي بدلجي وئي، پهريان ڪؤڙو هو، هاڻي مٺو ٿي  ويو.

جس سے کَھاری کُنوئیں شیرۂ جَاں بنے                                                      اُس زُلَالِ حَلَاوَت پہ لاکھوں سلام

وضاحت: پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بچيل پاڻي مان نمڪين پاڻي جا کوھ مٺا ٿي ويندا آهن، جيڪو سندن لبن مبارڪن کي ڇهي ويو، اُن مٺي، خوش ذائقه، پاڪيزه پاڻيءَ تي لکين سلام هجن.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد