Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

هاڻي اهڙي موقعي تي اسين عام طور چوندا آهيون: الله تنهنجو ڀلو ڪري، اها ڳالهه ائين ناهي، بلڪه هيئن آهي.  ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  خواب ۾ سوال جو جواب ڏيندي فرمايو: لَا...!! عَافَاکَ اللہُ! الله پاڪ توکي عافيت ڏئي، هي حديث ائين ناهي.

جڏهن ان عالم صاحب جي اک کلي ته ڇا ڏسن ٿا؟ اها بيماري جيڪا گهڻي علاج باوجود ختم نه ٿي رهي هئي، محبوب  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي فرمان جي صدقي ختم ٿي چڪي هئي اهي عالم صاحب مڪمل تندرست ٿي چڪا هئا.  [1]

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي...!! هن پاڪ زبان مان جيڪو نڪرندو آهي، اهو ٿي رهندو آهي. پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ظاهري وصال جي ڪيترن سالن بعد، جاڳندي ۾ نه، بلڪ خواب ۾ اچي، باقاعده دعا به نه ڏني، رڳو تڪيه ڪلام طور هڪ جملو ارشاد فرمايو، ۽ ان خواب ۾ چيل تڪيه ڪلام جي اها تاثير هئي جو جيئن فرمايو هو، فوراً ائين ئي ٿي ويو.

مَصْدرِ حِکمت و آیات وہ مُبارَک دَہن                                                       نَافِذ جس کی ہر بات وہ مُبارَک دَہن

جس کی فَراخی سے سیراب اپنے پرائے                                           چشمۂ آب حیات وہ مُبارَک دَہن

وضاحت: پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو وات مبارڪ الله پاڪ جي آيتن ۽ علم ۽ حڪمت جو مقام آهي. سندن مبارڪ زبان مان جيڪي لفظ نڪرندا آهن، اهي ضرور پورا ٿيندا آهن. ان پاڪ زبان مان ڪنهن کي به ڪا شيءِ ڏيڻ کان منع ناهن ڪندا، سندن زبان پاڪ مان نڪتل لفظ ٻين لاءِ آبِ حيات بڻجي ويندا آهن

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد.  


 

 



[1] البرہان، صفحہ:240۔