Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par
حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم منبر مبارڪ تي تشريف وٺي آيا. سندن خطبو ڏيندي هيءَ آيتِ ڪريمه تلاوت ڪئي:
وَ مَا قَدَرُوا اللّٰهَ حَقَّ قَدْرِهٖ ﳓ
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن الله جو قدر نه ڪيو جهڙو ان جو قدر ڪرڻ جو حق هو.
پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم پُرجوش انداز ۾ الله پاڪ جي شان بيان ڪرڻ لڳا، پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن پاڪ ڪلام کي ٻڌي ڪري اهو ڪاٺ جو ٺهيل منبر به جُھومڻ لڳو. حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم خطبو ڏئي رهيا هئا ۽ منبر اهڙي طرح جُھومي رهيو هو جو اسان کي اهو خطرو ٿي پيو ته ڪٿي پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تڪليف نه پهچي وڃي[1].
اُن کی باتوں کی لذّت پہ لاکھوں درود اُن کے خطبے کی ہیبت پہ لاکھوں سلام([2])
وضاحت: پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ڳالهين جي لذت تي لکين درود هجن ۽ سندن خطبي تي لکين سلام هجن ڇو ته ٻڌندڙن تي جنهن جي هيبت طاري ٿي وڃي ٿي.
مداحِ حبيب مولانا جميل رضوي رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا.
قرآن کلامِ باری ہے اور تیری زَباں سے جَارِی ہے
کیا تیری فصاحت پیاری ہے اور تیری بلاغت کیا کہنا...!!