Mein Nisaar Tere Kalam Par

Book Name:Mein Nisaar Tere Kalam Par

بڻجي نڪرندي آهي ته ان هوا ۾ اها تاثير اچي ويندي آهي جو مُردا ته مُردا رهيا، بلڪل بي جان شيون، جن ۾ ڪڏهن جان هئي ئي نه، اُهي به ان ڪلام مبارڪ کي ٻڌي جُهومي اُٿنديون آهن.

    هاڻي سوچو! جڏهن سيني مبارڪ مان اُٿندڙ ان هوا جي اها تاثير آهي ته پوءِ
* مبارڪ هٿن جي تاثير ڇا هوندي؟ * پيارين پيارين، سهڻين سهڻين اکين جي شان ڇا هوندي؟ ڪنن جي شان ڇا هوندي؟ مڪمل وجودِ مصطفيٰ جي تاثير ڇا هوندي؟

مولانا حسن رضا خان صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇا ته خوب چيو آهي:

سَر سے پَا تک ہر ادا ہے لاجواب                                                                         خوبرُویَوں میں نہیں تیرا جواب

حُسْن ہے بےمثل، صُورت لاجواب                                                        میں فِدا تُم آپ ہو اپنا جواب

تم سے اُس بیمار کو صحت مِلے                                                                                            جس کو دے دیں حضرتِ عیسیٰ جواب([1])

وضاحت: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! مٿي کان پيرن تائين اوهان جي هر اَدا ئي لاجواب آهي بلڪه حسن وارن ۾ سندن ڪو ثاني ئي ناهي، اوهان جو حسن به بيمثال آهي ۽ صورت به بيمثال آهي. حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام اللہ پاڪ جا نبي آهن، جن جو هي معجزو قرآنِ ڪريم ۾ ذڪر ٿيل آهي ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پيدائشي انڌن ۽ ڪوڙھين کي رڳو هٿ لڳائي شفاياب ڪري ڇڏيندا هئا. مولانا حسن رضا خان صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائي رهيا آهن: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم، حضرت عيسى عَلَيۡهِ السَّلَام جهڙا شفا ڏيندڙ نبي به جنهن مريض کي جواب ڏئي ڇڏين، اوهان اهڙي شان وارا آهيو جو اوهان جي در تان اهڙن مريضن کي به شفا ملي         وڃي ٿي.


 

 



[1]...  ذوقِ نعت، صفحہ:45۔