Book Name:Muallim e Kainat
قبيلو هو: اَشۡعَر. حضرت ابو موسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ مشهور صحابي آهن، پاڻ انهيءَ قبيلي مان هئا. ان قبيلي وارا وڏا وڏا عالِم، فقيه، قرآن ڄاڻڻ وارا، شرعي احڪام ۽ مسائل جو علم رکڻ وارا هئا. انهن جي پاڙي ۾ هڪ قبيلو رهندو هو، اهي ماڻهو عالِم نه هئا. اَشۡعَر قبيلي وارا انهن کي دين جو علم نه سيکاريندا هئا، اهي هنن کان سکندا نه هئا، يعني ٻنهي قبيلن جي سکڻ سيکارڻ جي طرف توجھ نه هئي.
جيئن ته هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ممبر تي تشريف وٺي آيا، الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء بيان ڪئي، پوءِ فرمائون: مَابَالُ اَقْوَامٍ...!! لَا یُفَقِّھُوْنَ جِیْرَانَہُمْ وَلَا یُعَلِّمُوْنَہم وَلَا یَعِظُوْنَہُمْ وَلاَ یَاْمُرُوْنَہُمْ وَلَا یَنْہَوْنَہُمْ ان قوم کي ڇا ٿي ويو آهي؟ هي پنهنجي پاڙيسرين کي فقاهت (دين جي سمجھ) ناهن سيکاريندا، علمِ دين ناهن سيکاريندا، انهن کي نصيحت ناهن ڪندا، انهن کي نيڪي جو حڪم ناهن ڏيندا، بُرائي کان منع ناهن ڪندا؟ وَمَا بَالُ اَقْوَامٍ لَا یَتَعَلَّمُوْنَ مِنْ جِیْرَانِہِمْ وَلَا یَتَفَقَّہُوْنَ وَ لَا یَتَّعِظُوْنَ ۽ ٻيءَ قوم کي ڇا ٿي ويو؟ اهي پنهنجي پاڙِيسرين کان علمِ دين ناهن سکندا، دين جي سمجهداري ناهن وٺندا، انهن کان نصيحت ناهن وٺندا...!! پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جلال ۾ اچي ڪري فرمايو: خُدا جو قسم! يا ته هي ماڻهو پنهنجي پاڙي وارن کي علمِ دين سيکاريندا، انهن کي دين سمجهائيندا، انهن کي نصيحت ڪندا، نيڪي جو حڪم ڏيندا، بُرائي کان منع ڪندا، انهن جا پاڙي وارا هنن کان علم دين سکندا، دين سمجهندا، نصيحت وٺندا اَوْ لَاُعَالِجَنَّہُمُ الْعُقُوْبَۃَ يعني جيڪڏهن انهن ائين نه ڪيو ته مان سخت سزا ڏئي