Book Name:Muallim e Kainat
ڪري انهن جو علاج ڪندُس.[1]
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هي رحمةُ للعالمين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جا مبارڪ الفاظ آهن، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم تمام جهانن جي لاءِ رحمت آهن، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کان وڌيڪ رحم دل ڪو ٻيو ٿي ئي نه ٿو سگهي، ان جي باوجود پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جڏهن ڏٺو ته هڪ قوم آهي، اها علم واري آهي، پر * ٻين کي علم پڙهائي نه ٿي * سمجهائي نه ٿي * ۽ نه ئي انهن کي ڏسي ڪري هنن کي ڪو درد محسوس ٿيندو آهي. جڏهن ته ٻي قوم آهي، اها علمِ دين حاصل ئي ناهي ڪندي، يعني انهن جي هن طرف توجھ ئي ناهي، ۽ ٻين کي علم دين حاصل ڪندي ڏسندا آهن، علم دين جي تڪرار ڪندي ڏسندا آهن پر پاڻ سکڻ جي طرف راغب ناهن ٿيندا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم انهن ٻنهي تي غضب جو اظهار ڪيو ۽ صاف فرمائي ڇڏيائون: يا ته توهان سکڻ سيکارڻ شروع ڪندؤ يا وري سخت سزا جي ذريعي توهان جو علاج ڪيو ويندو.
الله! الله هي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي تعليم آهي...!! علم دين سکڻو به آهي، سيکارڻو به آهي ۽ ان جو جذبو به پنهنجي اندر پيدا ڪرڻو آهي. روايت ۾ آهي: جڏهن قبيلي اشعر جي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم هي شاهي فرمان ٻڌو ته تڙپي پيا، بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم! هڪ سال جي مهلت عطا فرمايو! هڪ سال ۾ اسان پنهنجي پاڙي وارن کي علمِ دين سيکاري ڇڏينداسين.[2]