Muallim e Kainat

Book Name:Muallim e Kainat

ٿو جائز سمجهي سگهان؟ ته پوءِ ٻيا ماڻهو تنهنجي باري ۾ ان کي ڪيئن ٿا جائز سمجهي سگهن ٿا؟ * پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم پڇيو: جيڪڏهن تنهنجي ڌيءَ سان ڪو اهڙو فعل ڪري ته تون ان کي پسند ڪندين؟ عرض ڪيائين: نه. * فرمايائون: جيڪڏهن تنهنجي ڀيڻ سان ڪو اهڙي حرڪت ڪري ته؟ * ۽ جيڪڏهن تنهنجي ماسيءَ سان ڪري ته؟ * اهڙيءَ طرح پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم هڪ هڪ رشتي جي باري ۾ سوال فرمايو، هو اهوئي چوندو رهيو ته مونکي پسند ناهي. تڏهن رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ان جي سيني تي هٿ رکي ڪري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪئي: اِلٰهي! هن جي دل کي صاف ڪري ڇڏ ۽ هن جا گناھ بخشي ڇڏ. ان کان پوءِ اهو نوجوان سڄي زندگي زنا کان بيزار رهيو.[1]

   سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي منهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو...!! ڪيڏي پياري انداز سان تربيت فرمائي، هن روايت ۾ محبوبِ ذيشان جي رحمت ۽ شفقت به ملاحظه ڪريو! جڏهن ان نوجوان اهڙو سوال ڪيو ته صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جلال ۾ اچي ويا. ان کي سزا ڏيڻ جي لاءِ وڌيا، پر رسولِ اڪرم، نورِ مُجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم مُعلمِ ڪائنات آهن، ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت آهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ان تي سختي ڪرڻ هرگز گوارا نه فرمائي، صحابهءِ ڪرام کي به روڪي ڇڏيائون ۽ پاڻ به نهايت نرمي ۽ پيار محبت سان سمجهايائون ته جيئن مسئلو سمجھ ۾ اچي وڃي.

 


 

 



[1]... مسند امام احمد،جلد:9،صفحہ:183،حدیث :22847 ۔