Book Name:Muallim e Kainat
آهي، استاد کي گهرجي پنهنجي شاگرد سان نرمي سان پيش اچي، ان کي پنهنجو پٽ سمجهي ۽ جيئن پنهنجو پٽ ڪافرن جي قيد ۾ هجي ۽ خطرو هجي ته ڪافر منهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيندا، جيتري محنت پنهنجي پٽ کي ڇڏرائڻ جي لاءِ ڪندو، اهڙي ئي محنت، جذبي ۽ شوق سان پنهنجي شاگرد کي جهالت جي اونداهي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري.
اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جا ڪيئي تعليمي ادارا آهن * مدرسةُ المدينه حفظ ۽ ناظره جي تعليم ڏني ويندي آهي * جامعةُالمدينه ۾ درسِ نظامي (يعني عالِم ڪورس) ڪرايو ويندو آهي* اهڙيءَ طرح اسلامڪ اسڪول سسٽم به آهي، الله پاڪ جو فضل آهي، دعوتِ اسلامي جي هن ادارن ۾ اهڙا استاد به آهن * جيڪي تهجد جي وقت اٿي ڪري ربَّ جي بارگاھ ۾ روئي روئي ڪري پنهنجي شاگردن جي لاءِ خير گهرندا آهن * ڪو طالبِ علم ذهن جو ڪچو آهي * پڙهائي ۾ ڪمزور آهي، ان جي ڪاميابي جي لاءِ دعائون ڪندا آهن * اهڙا به استاد آهن، جن کي پنهنجي سڄي ڪلاس جا نالا زباني ياد آهن ۽ اهي نالو کڻي ڪري بارگاھِ الٰهي ۾ انهن جي لاءِ دعا ڪندا آهن * طالبن کي امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذريعي غوثِ پاڪ جو غلام بڻائيندا آهن * طالبن کي ترغيب ڏياري ڪري 12 ديني ڪمن جي ذريعي اصلاحِ اُمت جي عظيم ڪم تي لڳائيندو آهي، الله پاڪ انهن استادن جي پنهنجي شاگرن سان هيءَ خيرخواهي قبول فرمائي.
ياد رهي! حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هي فرمان صرف استادن جي لاءِ ناهي، پاڻ فرمايائون: عارف ڪامل سڄي مخلوق کي (سڄي دنيا جي ماڻهن) کي نفس ۽ شيطان جي هٿان ڇڏرائڻ جي ڪوشش ڪندو