Book Name:Muallim e Kainat
آهي؟ عرض ڪيائون: اسان وٽ هڪ فراسي (نُکَ) آهي جيڪا اسان اڌ هيٺان وڇائيندا آهيون، اڌ مٿان وجهندا آهيون ۽ هڪ پيالو آهي، ان ۾ اسان پاڻي پيئندا آهيون. فرمايائون: وڃو! ٻئي شيون کڻي اچو! اهو صحابي گهر ويو فراسي کنيائون، پيالو هٿ ۾ کنيائون ۽ بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيا، رحمتِ دو عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم اعلان ڪيو: ڪير ٿو هي شيون خريد ڪري؟ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: حضور! مان هڪ درهم (چاندي جي سڪي) جي بدلي خريد ڪيان ٿو. فرمايائون: ڪو آهي جيڪو هن کان وڌيڪ قيمت لڳائي؟ ٻيوصحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ چوڻ لڳو: حضور! مان 2 درهم جي بدلي خريد ڪيان ٿو. نبيءِ اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ٻئي شيون ان صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي ڏنيون، 2 درهم ورتا ۽ انهن شين جي اصل مالڪ کي درهم ڏئي ڪري فرمايائون: بازار وڃو، هڪ درهم جو کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪيو، گهر پهچايو، ٻي درهم جي ڪُهاڙي خريد ڪيو ۽ مون وٽ کڻي اچو! اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جلدي مان بازار ويو، کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪيائين، گهر پهچايو، ڪُهاڙي خريد ڪيائون، وٺي ڪري بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيا، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: معراج جي گهوٽ، تاجدارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم پنهنجي هٿ مبارڪ سان ان ڪُهاڙي ۾ ڪاٺ جو ڳَن وجهي، انصاري صحابي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم کي ڏنائون ۽ فرمايائون: جنگل ۾ وڃو، ڪاٺيون وڍيو، بازار ۾ وڪڻو! 15 ڏينهن تائين مون کي نظر نه اچجو. انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڪُهاڙي کنئي ۽ هليو ويو. 15 ڏينهن کان بعد واپس آيو ته سندن هٿ ۾ 10 درهم هئا. نبيءِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ڏسي ڪري خوش ٿيا ۽ فرمايائون: توهان سوال ڪيو اهو سوال قيامت جي ڏينهن توهان جي چهري تي