Book Name:Muallim e Kainat
آهي جو سمجھ ۾ ئي ناهي ايندو ته هن کي سمجهايون ته ڪيئن سمجهايون، هن جو ذهن ٺاهيون ته ڪيئن ٺاهيون...!! پر قربان وڃو! هي مُعلمِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم آهن، هنن سان گفتگو جو شرف ملڻ ته تمام شرف جي ڳالھ آهي، مولانا روم رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
اِے لِقَائِے تُوْ جَوَابِ ہَرْ سُوَال
مفهوم يعني اي اهي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم اوهان جو هي شان آهي جو اوهان سان ملاقات ڪري وٺڻ، اوهان جي چهري مبارڪ جو ديدار ڪري وٺڻ ئي هر سوال جو جواب ٿي ويندو آهي.
پاڻ ڪيتري سادي انداز ۾، ان ڳوٺاڻي جي ذهني سطح جي مطابق بلڪل عوامي انداز ۾ مثال ڏئي ڪري ان جي اشڪال کي دور ڪري ڇڏيو، ان جي ذهن ۾ پيدا ٿيڻ وارن خدشن کي به دور فرمائي ڇڏيو! الله پاڪ جي قدرت به سمجهائي ڇڏي. سوچ به بدلائي ڇڏي ۽ خوشحال گهر به ٽٽڻ کان بچائي ورتو.
الله پاڪ اسان کي محبوب ذِيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جو فيضان نصيب فرمائي. * اسان کي گهرجي ته سادا مثال ڏئي ڪري * واقعا ٻڌائي ڪري * حديثون ٻڌائي ڪري * قرآنِ پاڪ جون آيتون ٻڌائي ڪري تمام سهڻي انداز ۾ * نرمي سان ٻين کي سمجهائيندا ڪريون * علمِ دين سکندا به ڪريون ۽ ٻين کي پيار ۽ محبت سان سيکاريندا به ڪريون. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پنهنجي تربيت به ٿيندي، حڪمتِ عملي به ايندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته هڪ هڪ فرد ڪري پورو معاشرو به سنورجندو ويندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم