Book Name:Muallim e Kainat
داغ بڻجي، توهان جو پنهنجي هٿ سان ڪمائي ڪري کائڻ ان کان بهتر آهي.[1]
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن مُعلمِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم...! ڇا ته نرالو شان آهي...!! اهي پيارا پيارا هٿ مبارڪ جن جي اشارن تي ڪائنات هلندي آهي * انهن هٿن سان اشارو ڪن ته چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي ويندو آهي.* انهن مبارڪ هٿن سان دعا فرمائن يا ته ٻڏل سج موٽي ايندو آهي. * آڱر مبارڪ کڻن ته لٿل سج موٽي ايندو آهي * هٿن کي کڻن ته ڪڪر ڀرجي ايندا آهن * ڏڪار ختم ٿيندو ۽ مينهن وسڻ لڳندو آهي * بي جان کي ڇهن ته جان وجهي ڇڏيندا آهن، محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم انهن پيارن هٿن سان پنهنجي صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي ڪُهاڙي ۾ ڳن وجهي ڪري ڏئي رهيا آهن.
سُبْحٰنَ اللہ! قومون ائين ئي ته ناهن بڻجنديون نه...!! محنت لڳندي آهي، اهي ماڻهو جن کي دنيا ڌنار چئي ڪري معمولي سمجهندي هئي، اهو معاشرو جنهن کي طنزيه نگاھن سان ڏٺو ويندو هو، اھو دور جنھن کي دورِ جاہليت چئبو هو، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم انهن کي پستي جي گهرائين مان ڪڍي ڪري ۽ قيامت تائين اچڻ وارن جو پيشوا بڻائي ڇڏيو. هي ايڏو وڏو جيڪو انقلاب آيو، ائين ئي ته نه اچي ويو، بيشڪ ان ۾ مُعلمِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جي مهارتن، رحمتن ۽ شفقتن جو اثر آهي.
کس نے ذروں کو اُٹھایا اور صحرا کر دیا کس نے قطروں کو ملایا اور دریا کر دیا
کس کی حکمت نے یتیموں کو کیا دُرِّ یتیم اَور غلاموں کو زمانے بھر کا مولا کر دیا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد