Book Name:Rah e Najat
وڌيڪ ڪجھ نه سمجهي سگهيا...!! هي صرف دين آهي جنهن اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ نه بلڪه هزارين سال پهريان ٻڌائي ڇڏيو هو ته انسان جانورن جيان هن فطرتي ڪائنات جو حصو نه بلڪه هن ڪائنات ۾ الله پاڪ جو خليفو آهي. رب ڪريم انسان کي هن زمين جو نگهبان بڻايو آهي. تمام سادي مثال سان پنهنجي ڳالھ کي واضح ڪيان، اسان وٽ جڏهن گرميون اينديون آهن ته کوڙ پوسٽون وائرل ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن، ماڻهو هڪٻئي کي ترغيب ڏيندا آهن ته”گرمي آهي، جهرڪين، ننڍڙن پکين جي لاءِ پاڻي ڀري رکو ته جيئن ويچارا بي زبان اُڃ ۾ تڙپي ڪري مري نه وڃن“ الحمد لله! ڪيئي ماڻهو ائين ڪندا آهن، جيڪي ناهن ڪندا انهن کي به ڪرڻ گهرجي. مان جنهن طرف توجھ ڏيارڻ چاهيان ٿو، اهو هي آهي ته سوچڻ جي ڳالھ آهي، ڇا هن زمين تي ڪا ٻئي مخلوق به اهڙي آهي جيڪا ٻين مخلوقات جو خيال رکندي هجي؟ آخر هي خيال صرف انسان کي ئي ڇو ايندا آهن؟ سادو جواب آهي، انسان اشرفُ المخلوقات آهي، هن زمين تي باقي جيتري مخلوقات موجود آهي، اهي سڀ هن دنيا جو حصو آهن پر انسان اها عظيم مخلوق آهي جنهن کي الله پاڪ هن زمين جو نگهبان بڻايو آهي.
هي دين آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو:
وَ سَخَّرَ لَکُمْ مَّا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًا مِّنْہُ ؕ
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ جيڪي ڪجھ آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي سڀ جو سڀ پنهنجي طرفان توهان جي ڪم ۾ لڳايو ويو.
(سيپارو:25، سورة جاثيه: 13)