Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

حملو ڪيو، ان جو ڪنڌ ڪَپي ڇڏيو ۽ ان جي سلطنت تي قبضو ڪري ڇڏيائين.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! عبرت جي ڳالھ آهي...!! بادشاھ هو، طاقت وارو هو، خزانن وارو هو، 400 سال حڪومت ڪري چڪو هو، جيستائين هي الله پاڪ جي دين جي تابع رهيو، رب پاڪ جو فرمانبردار رهيو، ان جي سلطنت هلندي رهي، جيئن ئي ان دين کان انڪار ڪيو، دين کان منهن موڙيو، عقل جي ڄار ۾ ڦاٿو، شيطان جي چال ۾ آيو، تباھ ۽ برباد ٿي ويو، ان جي بادشاهت، ان جي سلطنت، ان جو تاج ۽ تخت، ان جي طاقت ڪجھ به ان کي الله پاڪ جي قهر کان بچائي نه سگهيو. ان ۾ اسان جي لاءِ سبق آهي ته اسان کي هر گهڙي، هر وقت، زندگي جي هر معاملي ۾، هر لحاظ سان دين ۽ شريعت جو فرمانبردار رهڻو آهي، انهيءَ ۾ اسان جي ڀلائي آهي، انهيءَ ۾ اسان جي عزت آهي، انهيءَ ۾ ٻنهي جهانن جي ڪاميابي آهي، هيءُ ئي اسان جي زندگي جو معيار آهي.

  الله پاڪ جو وڏو ڪرم آهي ته ان اسان کي ايمان جي دولت نصيب فرمائي آهي، رب ڪريم اسان کي ان تي استقامت به نصيب فرمائي. ڪاش! اسان مرڻ گهڙيءَ تائين مسلمان ئي رهون. ڪڏهن به هڪ سيڪنڊ جي ڪروڙين حصي ۾ اسان جو ايمان اسان کان جُدا نه ٿئي.

تُو نے اِسلام دیا ُ تو نے جماعت میں لیا                                             تَو کریم اب کوئی پھرتا ہے عطیَّہ تیرا ([2])

وضاحت: اي اسان جا آقا ۽ مولا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان ئي اسلام ڏنو، اوهان ئي پنهنجي جماعت ۾ ورتو، اوهان ڪريم آهيو ته ڇا ڪرم وارن جي عطا واپس


 

 



[1]...نوادر القلیوبی، صفحہ:9۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:18۔