Rah e Najat

Book Name:Rah e Najat

سڄي شهر جي عالمن مشائخن کي گهرايو، انهن جي خدمت ۾ عرض ڪيو: اوهان سڀ مون وٽ رهندا ڪيو! جڏهن مونکي دين الٰهي جي پيروي ڪندي ڏسو ته مونکي ان جو حڪم ڏيو، جڏهن مونکي دين کان ڦريل ڏسو ته مونکي ان کان روڪيندا رهو.

   عالمن سڳورن هيءَ ذمه داري سنڀالي، هي نوجوان بادشاھ عالمن سڳورن جي رهنمائي ۾ سلطنت هلائڻ لڳو، 400 سال تائين ان ڪاميابي سان سلطنت هلائي. جڏهن 4 صديون گذري ويون ته شيطان انساني شڪل ۾ ان وٽ آيو، چوڻ لڳو: مَنْ اَنْتَ؟ تون ڪير آهين؟ بادشاھ چيو: مان آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي اولاد مان هڪ فرد آهيان. هتان کان شيطان ان تي ڄار اڇليو، چوڻ لڳو: تون ماڻهو ناهي، جيڪڏهن تون ماڻهو هجين ها ته جيئن ٻيا ماڻهو مرن ٿا، تون به مري وڃين ها جڏهن ته تون 4 صدين کان حڪومت ڪري رهيو آهين، توکي موت ناهي آيو، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته تون انسان نه بلڪه تون خُدا آهين، هي دين ۽ عالمن جي صحبت ڇڏيو! ماڻهن کي پنهنجي عبادت ڏانهن سڏيو!

   هاڻي هي شيطان جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ ان تي به عقل پرستي جو ڀوت سوار ٿي ويو، ان دين ۽ الله پاڪ جي موڪليل هدايت ڇڏي ڏني ۽ خُدائي جي دعوا ڪري ڇڏيائين. جڏهن ائين ٿيو ته الله پاڪ ان وقت جي نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي طرف وحي موڪلي، حڪم ٿيو: هن بادشاھ کي فرمائي ڇڏيو! جيستائين تون سڌي رستي تي هُئين، مون تنهنجي سلطنت کي بهترين انداز سان قائم رکيو، هاڻي جڏهن ته تو منهنجي نافرماني شروع ڪري ڇڏي، بَس منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم...!! هاڻي توتي بخت نصر (نالي ظالم بادشاھ) کي مُسلط ڪيو ويندو. پوءِ ائين ئي ٿيو، ڪجھ عرصي کان بعد بخت نصر ان بدبخت بادشاھ تي