Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

هن زمين کي فساد کان بچائڻ ۽ امن جو گهوارو بنائڻ جي لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، ان جي لاءِ ڪجھ ڳالهيون عرض ڪريان ٿو:

(1): اعلانيه گناھن کان بچو...!!

زمين کي امن جو گهوارو بنائڻ جي لاءِ سڀ کان پهريون نسخو هي آهي ته اسان سڀ ئي اعلانيه گناھن کان هميشه بچندا رهون.

گناھ جيتوڻيڪ لڪي ڪري هجي يا اعلانيه هجي، گناھ آخر گناھ ئي آهي، البت اعلانيه گناھ ۾ هڪ نحوست هيءَ آهي ته ان ۾ ٻين کي گناھ جي ترغيب ملندي آهي، هيئن ٻيا به ڏسندي هن گناھ ۾ مبتلا ٿيندا آهن ۽ معاشرو تباھ ۽ برباد ٿي ويندو آهي. ان ڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان لڪي ڪري به هرگز گناھ نه ڪيون جو جنهن جي نافرماني لڪي ڪري ڪَري رهيا آهيون، اهو الله پاڪ ته ڏسي ئي رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ اعلانيه گناھ کان به خاص طور تي بچون جو اعلانيه گناھ صرف گناھ نه بلڪه زمين ۾ فساد پڻ آهي.

نافرماني آفتن  ۽ بلائن جو سبب آهي

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

ظَہَرَ الْفَسَادُ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ بِمَا کَسَبَتْ اَیْدِی  النَّاسِ  لِیُذِیْقَہُمْ بَعْضَ الَّذِیْ عَمِلُوْا  لَعَلَّہُمْ یَرْجِعُوْنَ (۴۱)

(پارہ:21، سورۀ رُوْم:41)

ترجمو ڪنزُ العرفان: خشڪي ۽ تري ۾ فساد ظاهر ٿي ويو انهن بُراين جي ڪري جيڪي ماڻهن جي هٿن ڪمايون ته جيئن الله انهن کي سندن ڪجهه ڪمن جو مزو چکائي ته جيئن هو باز اچن.

الله اڪبر! معلوم ٿيو: الله پاڪ جي نافرماني ۽ گناھن جي سبب زمين ۾ فساد پيدا ٿيندو آهي، قحط پوندو آهي، مينهن وسڻ بند ٿي ويندا آهن، فصلَ تباھ ٿي ويندا آهن، بلائون پکڙجنديون آهن ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا فسادَ زمين ۾ ظاهر ٿيندا آهن.