Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

برو حال ڏٺو ته سندن حضرت شِيث عَلَیْہِ السَّلَام کي وصيت فرمائي ته قابيل ۽ ان جي اولاد کان مڪمل طور تي بائيڪاٽ رکيو وڃي، ان سان نڪاح وغيره رشتيداريون به نه ڪيون وڃن. حضرت شيث عَلَیْہِ السَّلَام ان نصيحت تي پورو پورو عمل ڪيو، پوءِ هڪ عرصي تائين سندن اولاد به ان تي عمل ڪندو رهيو، ايمان وارن جو قابيل ۽ ان جي اولاد سان ڪنهن به قسم جو ڪوبه تعلق نه هو، جنهن جي بدولت معاشرو نهايت پرسڪون هو، ڪا برائي، فتنو فساد وغيره معاشري ۾ نه هو، پوءِ ڪافي عرصو گذري وڃڻ کان بعد ماڻهن حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام جي وصيت کي ويساري ڇڏيو، ايمان وارن قابيل ۽ ان جي اولاد (جيڪي سڀ ئي غير مسلم هئا، انهن) کان نفرت ختم ڪري ڇڏي، آهسته آهسته اچ وڃ شروع ٿي، پوءِ انهن جون پاڻ ۾ رشتيداريون ٿيڻ لڳيون، پوءِ انهن رشتيدارين محبت جو رنگ اختيار ڪيو، آخرڪار قابيل ۽ ان جي اولاد جو ڪفر ۽ انهن جون ٻيون برايون معاشري ۾ سمائجي ويون، پوءِ اهو وقت به آيو جو ماڻهن ڪفر ۽ گناھ جي انهيءَ رستي کي درست سمجهي ورتو، ايستائين جو زمين ڪفر ۽ گناھ سان ڀرجي وئي، تڏهن الله پاڪ حضرت نوح عَلَیْہِ السَّلَام کي موڪليو، پاڻ ساڍا 9 سئو سال ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا رهيا، انهن کي انهن جي اصل دين، اصل راھِ هدايت جي طرف سڏيندا رهيا پر ماڻهن جون دليون ڪفر تي پڪيون ٿي چڪيون هيون، هاڻي اهي ماڻهو غلط رستي کي ئي درست سمجهي ويٺا هئا، آخر اهو ئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو، الله پاڪ سيلاب جو عذاب موڪليو، جنهن سڀني ڪافرن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو.[1]

  هي آهي زمين ۾ فساد...!! ان جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ اها نفرت ۽ بيزاري جيڪا قابيل جي اولاد کان رکڻ جي حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام نصيحت فرمائي هئي، جڏهن دلين مان اها نفرت ۽ بيزاري ختم ٿي ته فساد پکڙجڻ شروع ٿي ويو. ان ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته اسان برائي کا نفرت ئي ڪندا رهون.

گناه کان بيزاري جو   اظهار ڪيو!

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ رَاٰی مُنْکَراً فَلْیُغَیِّرْہٗ بِیَدِہٖ جيڪو برائي کي ڏسي ته ان کي پنهنجي هٿ سان مَٽائي ڇڏي، جيڪڏهن هٿ


 

 



[1]...تاریخِ طبری،جلد:1 ،صفحہ:105 مفصلاً۔