Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

چيو: اسان اميد ڪيون ٿا ته اهو خراساني جنتي هوندو، توهان ايئن ڪيو اڌ رات يا پوئين پَهر زم زم جي کوھ تي وڃي ڪري ان جو نالو وٺي ڪري سڏ ڪجو ۽ ان کان پڇجو. ان ٽي راتيون ائين ئي ڪيو، اتان ڪو جواب نه مليو، ان وري وڃي ڪري عُلماءِ ڪرام کي ٻڌايو، انهن اِنَّا لِلہِ وَ اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡن پڙهي ڪري چيو: اسان کي خوف آهي ته اهو شايد جنّتي نه هجي توهان يمن هليا وڃو اتي بَرۡهوت نالي وادي ۾ هڪ کوھ آهي، ان تي وڃي ڪري اهڙيءَ طرح آواز ڏيو، انهن ائين ئي ڪيو ته پهرين سڏ تي جواب مليو ته مون توهان جي امانت گهر ۾ فلاڻي جڳھ تي دفن ڪئي آهي، ان جڳھ کي کوٽيو ته توهان کي توهان جو مال ملي ويندو. مال جو پَتو معلوم ڪرڻ کان بعد امانت رکڻ واري ان خراساني کان پڇيو: تون ته نهايت نيڪ ماڻهو هئين ته هتي ڪيئن پهتين؟ ان چيو: منهنجا ڪجھ رشتيدار خراسان ۾ هئا جن کان مون قطع تعلق ڪري (يعني رشتو ٽوڙي) ڇڏيو هو انهيءَ حالت ۾ منهنجو موت اچي ويو ان سبب سان الله پاڪ مونکي هيءَ سزا ڏني ۽ هن مقام تي پهچائي ڇڏيو. [1]

هٿو هٿ پڦيءَ سان صلح ڪري ورتي

   حضرت سيدنا ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنه هڪ ڀيري سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون حديثون بيان ڪري رهيا هئا، انهيءَ دوران فرمايائون؛ هر قاطعِ رحم (يعني رشتيداري ٽوڙڻ وارو) اسان جي محفل مان هليو وڃي، هڪ نوجوان اُٿي ڪري پنهنجي پڦيءَ وٽ ويو جنهن سان ان جو ڪيئي سالن جو پراڻو جڳهڙو هو، جڏهن ٻئي هڪ ٻئي سان راضي ٿي ويا ته ان نوجوان کي پڦيءَ چيو: تون وڃي ان جو سبب پڇا ڪر ته آخر ائين ڇو ٿيو؟ يعني سيدنا ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنه جي اعلان جي حڪمت ڇا هئي؟ نوجوان حاضر ٿي جڏهن پڇا ڪئي ته حضرت سيدنا ابوهريره   رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو ته مون حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان هي ٻڌو آهي: جنهن قوم ۾ قاطع رحم يعني رشتيداري ٽوڙڻ وارو) هجي ان (قوم تي الله ڪريم جي رحمت نازل ناهي ٿيندي. [2]


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، باب صلۃ الرحم، صفحہ:73-74 خلاصۃً۔

[2]... الزواجر، جلد:2، صفحہ:136-137۔