Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي، اسان سڀ ئي پنهنجي پنهنجي ذميداري سمجهي ڪري پنهنجي اختيار جي اندر رهي ڪري جيڪڏهن زمين تي اَمُن ۽ سڪون قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جو پورو معاشرو مثالي معاشرو بڻجي ويندو.

زمين ۾ فساد جو  مطلب

عام طور تي ماڻهو قتل ۽ خونريزي، ڦُرَ ڌاڙا چوري چڪاري ناهن ڪندا، اهڙا ظالم ماڻهو هزارن ۾ ڪجھ هوندا آهن پر گناھن کي رواج ڏيڻ يا ان جو سبب بڻجڻ، گناھ يا گناھ جا موقعا ايجاد ڪرڻ عام ٿي ويو آهي. * والد گهر ۾ گانا ٻڌندو آهي، ڇا ان جو اولاد گانا نه ٻڌندو؟ * والد گهر ۾ گناھن ڀريا چينل لڳرائي ڇڏيا آهن * انٽرنيٽ جي استعمال جي کُلي موڪل ڏني وئي آهي، پاڻ به انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪري ٿو ۽ اولاد کي به ان جا موقعا فراهم ڪري ٿو، ڇا هي گناهن کي عام ڪرڻ جون صورتون نه آهن؟ * ائين ئي اعلانيه گناھ ڪرڻ ۽ انهن کي فيشن جو نالو ڏيڻ، جيڪو ان گناھ کي نه اپنائي، ان کي طعنا ڏيڻ، ان تي تنقيد ڪرڻ * دوستن جي سامهون گناھ ڪري انهن کي ان جي عملي ترغيب ڏيارڻ، ڇڏيو يار هاڻي نيڪي جو زمانو ناهي! * ڪوڙَ جي بغير هاڻي گذارو ئي ناهي ٿيندو. * وياج جي ڏي وٺ نه ڪيون ته ڇا بُکَ مرون؟   * هيٺان کان مٿي تائين هر جڳھ وياج ئي وياج آهي، اسان ان کان ڪيئن بچي سگهون ٿا؟ * اڄڪلھ ڌوڪي بازي سان ئي ڪم هلندا آهن، ايترو سڌا سادا ٿي ويندؤ ته کائيندا ڪٿان وغيره وغيره جملا اسان وٽ ڳالهايا ويندا آهن، هن طرح جا جملا چئي ڪري ٻين کي گناھن تي اڀاريو ويندو آهي، هي به گناھن کي رواج ڏيڻ جي ئي صورت آهي * اهڙيءَ طرح ٽي وي چينل، يوٽيوب، فيس بڪ، سوشل ميڊيا وغيره جي ذريعي گناھن کي پروموٽ ڪرڻ، انهن جي ترغيب ڏيارڻ، بي پردگي، طعنا مهڻا، مذاق مشڪري، گانا باجا وغيره کي ماڊرن زماني جي ضرورت قرار ڏيڻ وغيره هي سڀ گناھن کي رواج ڏيڻ جون صورتون آهن جيڪي اسان وٽ عام لڌيون وينديون آهن.