Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

رشتا ٽوڙڻ واري جي نحوست

   الله! الله! غور فرمايو! صحابيءِ رسول آهن، ماڻهن جي درميان تشريف فرما آهن ۽ بيان ڇا ڪري رهيا آهن؟ رحمتِ دوجهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون مبارڪ حديثون...!! اهڙي مَجمعَي تي به رحمتون نازل نه ٿينديون ته پوءِ ڪٿي نازل ٿينديون پر حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنه کي خطرو ٿيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو هن مجمعي ۾ ڪو قاطعِ رحم (يعني رشتو ٽوڙڻ وارو) هجي ۽ اسان ان جي ڪري رحمت کان محروم ٿي وڃون...!!

   هي آهي قاطعِ رحم (يعني رشتو ٽُوڙڻ واري) جي نحوست...!! هتي غور فرمايو ته جنهن گهر ۾ قاطعِ رحم هجي، جنهن گهٽيءَ، جنهن پاڙي ۾ رهندو هجي، ان گهر، ان گهٽيءَ ۽ پاڙي تي رحمتون ڪيئن نازل ٿينديون...؟ ۽ جيڪو آهي ئي قاطعِ رحم، اُهو پاڻ رحمت جو حقدار ڪيئن ٿو ٿئي سگهي؟ ان ڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته قطعِ رحمي کان سچي پڪي توبھ ڪيون، ڪنهن رشتيدار سان ڪنهن دنياوي سبب ناراضگي هلندي هجي ته اڄ ئي انهن جي گهر وڃي ڪري، جيڪڏهن اهو نه ٿي سگهي ته فون ڪري يا ڪهڙي طرح به انهن سان صلح جي ڪا صورت ڪڍو. صلح ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي جيڪا رڪاوٽ آهي، اها اسان جي اَنا آهي. ان انا کي هڪ پاسي رکي ڇڏيو! اوهان جي غلطي ناهي، ڪا ڳالھ ناهي پوءِ به جهڪي وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب ملندو.

حق تي هجڻ جي باوجود  جهيڙو ڇڏڻ جي فضيلت

حضرت ابو اُمامه رَضِیَ اللہُ عَنه کان روايت آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو حق تي هوندي جهيڙو ختم ڪري مان ان جي لاءِ جنّت جي ڪناري هڪ گهر جي ضمانت ڏيان ٿو.[1]

فلاڻي مون سان ڏاڍائي ڪئي آهي

جڏهن رشتا جوڙڻ، جهيڙا جهڳڙا ۽ ناراضگيون ختم ڪرڻ جي ڳالھ ٿيندي آهي ته عام طور تي ماڻهو شڪايت ڪندا آهن ته فلاڻي مون سان هيئن ڪيو،


 

 



[1]...ابو داؤد، کتاب الادب، باب فی حسن الخلق، صفحہ:755، حدیث:4800۔