Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
سان نٿو مٽائي سگهي فَبِلِسَانِہٖ ته پنهنجي زبان سان مٽائي ۽ جيڪڏهن زبان سان به نٿو مٽائي سگهي فَبِقَلْبِہٖ ته ان برائي کي پنهنجي دل ۾ بُرو ڄاڻي ۽ فرمايائون: هي ايمان جو سڀ کان ڪمزور درجو آهي.[1]
ڏسو! ڪيڏو واضح اشارو آهي، ڪوبه مسلمان جڏهن ڪابه برائي ڏسي، جيتوڻيڪ اها عقيدي جي برائي هجي، جيتوڻيڪ اها عمل جي برائي هجي، ڪردار جي برائي هجي يا گفتار جي برائي هجي، اسان مان هر هڪ جي ذميداري آهي ته ان برائي جي ڪاٽ ڪيون، جيڪڏهن هي نه ٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ ان برائي کان نفرت ته لازمي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن برائي کي برو سمجهڻ، ان کان نفرت ڪرڻ به ڇڏي ڏنو ويو ته معاشرو تباھ ٿي ويندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! زمين کي امن ۽ سڪون جو گهوارو بنائڻ جي لاءِ ٽيون عمل آهي: چغلي کان بچڻ. پنهنجو هي پڪو ذهن بڻائي وٺو ته اسان کي نه چغلي ڪرڻي آهي، نه ئي ڪنهن چغلخور جي ڳالهين ۾ اچڻو آهي. چغلي جي ڪري زمين ۾ فساد پکڙجندو آهي ۽ هيءَ حقيقت آهي، چغلي جي سبب ڀائر ڀائر کان جُدا ٿي ويندا آهن، والدين ۽ اولاد ۾ نفرت پيدا ٿي ويندي آهي، دوست دوست کان وڙهي پوندو آهي. چغلي جا اهڙا اهڙا نقصانات آهن جو بَس! الله جي پناھ...!!
هڪ شخص هو، ان کي ڪم ڪار جي لاءِ هڪ غلام جي ضرورت پيش آئي (اڄڪلھ تي نوڪر پگهار تي رکيا ويندا آهن، اڳين زماني ۾ باقاعده پيسن سان غلام خريد ڪيا ويندا هئا)، جيئن ته اهو غلام خريد ڪرڻ ويو، ان کي هڪ غلام پسند آيو، ان مالڪ کان قيمت طئي ڪئي، مالڪ چيو: هن ۾ ڪو عيب ناهي، البت! هن کي چغلخوري جي عادت آهي. اُن شخص کي ديني معلومات گهٽ هئي، جيئن ته ان اهو غلام خريد ڪيو، هاڻي اهو غلام پنهنجي آقا جي خدمت ۾ رهڻ لڳو، ڪجھ ڏينهن گذريا ته ان جي چغلخوري جي رگ ڦڙڪي،