Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

الله پاڪ اسان کي انهن تمام آدابن کي اپنائڻ، انهن جي مطابق زندگي گذارڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان

پيارا اسلامي ڀائرو! موت جي ياد دل ۾ ويهارڻ، قبر ۽ آّخرت جي تياري فرمائڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي سعادت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحُول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي سنورجي ويندي، الله پاڪ چاهيو ته دنيا کان بي رغبتي جي دولت به ملندي ۽ اخلاق ۽ ڪردار به سنورجي ويندا. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسةُ المدينه بالغان به آهي جنهن ۾ درست تجويد و قرائت سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي.

* حديث پاڪ ۾ آهي: توهان مان بهتر اهو آهي جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري.[1] * قرآنِ مجيد الله پاڪ جو ڪتاب آهي. * ٻانهن جي نالي ربّ ڪريم جو پيغام آهي. * پر افسوس! اَڄ مسلمان قرآن پاڪ کان پري ٿيندا پيا وڃن.    * ڪيئي ماڻهن کي ڏسي ڪري به صحيح قرآن پڙهڻ نٿو اچي * جيڪي پڙهي سگهن ٿا اهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪندا آهن، جن جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي. * اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي قرآن جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. * مسجدن، دڪانن ۽ مارڪيٽن وغيره ۾ مدرسة المدينه لڳايا ويندا آهن.* صرف 35 کان 45 منٽن جي ڪلاس هوندي آهي. * اُن ۾ صحيح تجويد ۽ قرات سان قرآن پڙهڻ به سيکاريو ويندو آهي* فرض علوم به ٻڌايا ويندا آهن * سنتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن ۽ * ترجمي ۽ تفسير ٻڌڻ جو به موقعو ملندو آهي * اوهان به ان ۾ شرڪت ڪيو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساريون برڪتون ملنديون۔


 

 



[1]...ترمذی، کتاب فضائل القرآن، باب ماجاء فی تعلیم القرآن، صفحہ:675، حدیث:2907۔