Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

ان مون کي هي ڏک پهچايو آهي، هي ظلم ڪيو، مان پنهنجي انهن ڏکن کي ڪيئن وساري ڇڏيان، ان کي ڪيئن معاف ڪري ڇڏيان...؟

اهڙن اسلامي ڀائرن کان هڪ سوال آهي؟ اوهان جي چوڻ مطابق فلاڻي اوهان سان تمام گهڻو ظلم ڪيو آهي، تمام گهڻيون ڏاڍايون ڪيون آهن، ٿورو ٻڌايو! ڇا ان اوهان کي کوھ ۾ وڌو آهي؟ ڇا ان جي ڪري اوهان پنهنجي ماءُ پيءُ کان پري ٿيا آهيو؟ ڇا ان جي ڪري اوهان کي بازار ۾ وڪڻيو ويو آهي؟ ڇا ان جي ڪري اوهان کي ناحق جيل وڃڻو پيو آهي؟ هي سڀ ڪجھ حضرت يوسف عَلَیْہِ السَّلَام جي ڀائرن انهن سان ڪيو هو، ان جي باوجود جڏهن اهي ڀائر حضرت يوسف عَلَیْہِ السَّلَام  جي سامهون آيا ته پاڻ ڇا چيو هئائون؟

لَا تَثْرِیْبَ عَلَیْکُمُ الْیَوْمَ ؕ

(سيپارو: 13، يوسف: 92)

ترجمو ڪنزُ العرفان: اڄ توهان تي ڪا ملامت ناهي.

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي...!! حضرت يوسف عَلَیْہِ السَّلَام جي ڀائرن بعد ۾ توبھ ڪئي هئي، اهي  سڀ هڪ نبي حضرت يعقوب عَلَیْہِ السَّلَام جا پٽ ۽ هڪ نبي حضرت يوسف عَلَیْہِ السَّلَام جا ڀائرَ ۽ سڀ وليُ الله هئا پر غور ته فرمايو! انهن پاڻ  عَلَیْہِ السَّلَام کي ڪهڙا ڪهڙا ڏکَ پهچايا هئا،[1] ان جي باوجود حضرت يوسف عَلَیْہِ السَّلَام جا ڪمال اخلاق ڏسو! سندن  وٽ طاقت هئي، پاڻ عزيزِ مصر(يعني مصر جا بادشاھ) هئا، پاڻ چاهين ها ته ان جو بدلو وٺي سگهيا ٿي پر پاڻ انهن کي معاف فرمائي ڇڏيو.

تنهنڪري اسان کي به همت ڪرڻ گهرجي! اڄ همت ڪنداسين، پنهنجي اَنا کي ختم ڪري، صبر جو ڍڪُ ڀري ناراضگيون ختم ڪنداسين، صلح جي طرف وڌنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون ڀلايون نصيب ٿينديون.

صلهءِ رحمي جا 10 فائدا

حضرت ابو اللَّيۡث سمرقندي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: صلهءِ رحمي ڪرڻ جا 10 فائدا آهن، (1): الله پاڪ جي رضا حاصل ٿيندي آهي (2): ماڻهن جي خوشيءَ جو سبب آهي (3): ملائڪن کي خوشي ٿيندي آهي (4): مسلمانن جي طرف کان ان شخص جي تعريف ٿيندي آهي (5): شيطان کي ان کان رنج پهچندو آهي (6): عمر


 

 



[1] سیرت الانبیاء، صفحہ:471۔