Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
هن آيتِ ڪريمه مان معلوم ٿيو ته هڪ پاسي آهن نيڪ اعمال ڪرڻ وارا نيڪ ماڻهو، ٻئي پاسي آهن فسادي ماڻهو، نيڪ طبيعت ٻانهو متقي ۽ خوفِ خُدا وارو هوندو آهي ۽ فسادي طبيعت ٻانهو فُجار يعني گنھگار هوندو آهي. اسان کي گهرجي ته هميشه نيڪ طبيعت بڻجڻ جي ڪوشش ڪيون، فسادي طبيعت هرگز نه بڻجون.
حضرت سعد بن جُبَير رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري بني اسرائيل حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام کي عرض ڪيو: جڏهن الله پاڪ مخلوق کي پيدا فرمايو آهي ته انهن کي عذب ڇو ڏيندو؟ (هي نهايت اهم سوال آهي، اسان وٽ به ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اهڙا سوالَ ڪندا آهن ته جڏهن الله پاڪ رحمٰن آهي، ماءُ کان وڌيڪ مهربان آهي ته پنهنجي ٻانهن کي عذاب ڇو فرمائيندو؟ ان سوال جو جواب ٻڌو!) جڏهن بني اسرائيل سوال ڪيو ته الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام جي طرف وحي موڪلي، فرمايو: اي موسيٰ! ٻني ٻارو ڪيو! حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام ٻني ٻارو ڪيو (مثال طور ڪڻڪ پوکي) الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! هاڻي ان کي لُڻو! حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام لابارو ڪيو. هاڻي حڪم ٿيو: اَنُ ۽ بوسو الگ الگ ڪيو! حضرت موسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام هي حڪم به پورو ڪيو. هاڻي ارشاد ٿيو: اَناج صاف ڪيو! اَناج صاف ڪيو ويو. هاڻي الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! باقي ڇا رهجي ويو؟ عرض ڪيائون: خالي بُوسو رهجي ويو، جنهن ۾ ڪا ڀلائي نه هئي. الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! اهڙيءَ طرح مان به مخلوق مان صرف ان کي ئي عذاب ڏيندُس جنهن ۾ ڪجھ ڀلائي نه هوندي.[1]
خادمِ مصطفيٰ، صحابيءِ رسول حضرت اَنس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عَنه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بيشڪ ماڻهن ۾ ڪجھ اهي آهن جيڪي ڀلائي جون چاٻيون آهن ۽ بُرائي جا تالا آهن ۽ ڪجھ اهي ماڻهو آهن جيڪي بُرائي جون چاٻيون ۽ ڀلائي جا تالا آهن، بَس خوشخبري آهي ان شخص جي لاءِ جنهن جي هٿ تي الله پاڪ ڀلائي جون