Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: قيامت جي ڏينهن توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي نالن سان پڪاريا ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔[2]
اي عاشقانِ رسول! مفتي امجد علي اعظمي رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ٻار جو سٺو نالو رکيو وڃي ڪيئي ماڻهن جا اهڙا نالا آهن جن جي ڪجھ معنيٰ ئي ناهي يا انهن جي بري معنيٰ آهي اهڙن نالن کان پرهيز ڪيو انبياء ڪرام عَلَیْہمُ السَّلَام ۽ صحابه و تابعين رَضِیَ اللہُ عَنهم جي نالن تي نالو رکڻ بهتر آهي، اميد آهي ته انهن جي برڪت ٻار سان شاملِ حال هجي. ٻار زندھ پيدا ٿيو يا مئل ان جو بدن مڪمل هجي يا نه هجي، بهرحال ان جو نالو رکيو ويندو حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڪچا ٻار (يعني جنهن جو ڪو عضوو ٺهي وڃي يا 4 مهينن جو هجي ان) جو نالو رکو جو الله پاڪ ان جي ذريعي توهان جي عمل جي ساهمي کي وزندار ڪندو. جبريل يا ميڪائيل وغيره نالا نه رکو يٰسين يا طٰهٰ نالو رکڻ منع آهي محمد يٰسين نالو به نه رکو، ها غلام يٰسين ۽ غلام طٰهٰ رکي سگهو ٿا جيڪي نالا بُرا هجن انهن کي مَٽائي ڪري سُٺو نالو رکڻ گهرجي جو پنهنجي امت سان پيار ڪرڻ وارا پيارا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم بري نالي کي سُٺي نالي سان بدلائي ڇڏيندا هئا. هڪ خاتون جو نالو عاصِيه (يعني گنھگار) هو، رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي نالي کي مَٽائي ڪري جَميله رکيو. (نوٽ: هڪ نالو آسيه به رکيو ويندو آهي هي سُٺو نالو آهي، رکڻ ۾ ڪو حرج ناهي) اهڙا نالا رکڻ جائز ناهن جيڪي غير مسلمن جي لاءِ