Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
ڇا فسادي نيڪَن جي برابر ٿي سگهن ٿا...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ غور فرمايو! هن ۾ اسان جي لاءِ عبرت ئي عبرت آهي. خاص ڪري قرآنِ ڪريم پوري قوم مان انهن 9 ماڻهن جو خاص طور تي (هائي لائٽ) ڪري ذڪر ڪيو ته
وَ کَانَ فِی الْمَدِیْنَۃِ تِسْعَۃُ رَھْطٍ یُّفْسِدُوْنَ فِی الْاَرْضِ وَ لَا یُصْلِحُوْنَ (۴۸)
(پارہ:19، سورۀ نمل:48)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ شهر ۾ نَو (9) شخص هئا، جيڪي زمين ۾ فساد ڪندا هئا ۽ اصلاح نه ڪندا هئا.
قوم ۾ غير مسلم ته کوڙ سارا هئا پر قرآنِ ڪريم جو خاص طور تي الگ سان انهن 9 ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ، اسان کي سبق ڏي ٿو ته جيتوڻيڪ قوم جا سمورا ئي غير مسلم عذاب جا حقدار هئا پر اهي 9 ماڻهو جيڪي فسادي هئا، اهي عذاب جو ظاهري سبب بڻجي ويا.
ان مان خبر پئي ته فسادي ماڻهو نهايت ئي نقصان ڪار هوندا آهن ۽ معذرت سان...!! اهڙا ماڻهو اسان جي معاشري ۾ به لڌا ويندا آهن، جن جي عادت ئي فساد پيدا ڪرڻ هوندو آهي * ڪڏهن چغليون هڻي ڪري فساد ڦهلائيندا آهن * ڪڏهن غيبتون ڪري فساد پيدا ڪندا آهن * نيڪي جي دعوت ڏني وڃي ته پوري خاندان وارا نيڪي جي دعوت قبول ڪرڻ وارا ئي هوندا آهن، تڏهن ڪو فسادي انهن جا ڪنَ ڀريندو آهي ۽ پورو خاندان نيڪ رستي کان پَري ٿي ويندو آهي. هي جيڪي فسادي ماڻهو هوندا آهن، نهايت ئي خطرناڪ هوندا آهن. اسان کي گهرجي ته اهڙو فسادي بڻجڻ کان هميشه محفوظ رهون. اسان جي طبيعت جي اندر اصلاح ۽ سچائي هجڻ گهرجي، فساد اسان جي طبيعت ۾ ڪهڙي صورت ۾ به نه هجڻ گهرجي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اَمْ نَجْعَلُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ کَالْمُفْسِدِیْنَ فِی الْاَرْضِ ۫ اَمْ نَجْعَلُ الْمُتَّقِیْنَ کَالْفُجَّارِ (۲۸)
(پارہ:23، سورۀ ص:28)
ترجموڪنزُالعرفان: ڇا اسان ايمان آڻڻ وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي زمين ۾ فساد ڦهلائڻ وارن جيان ڪري ڇڏينداسون؟ يا اسان پرهيزگارن کي بدڪارن نافرمانن جهڙو ڪري ڇڏينداسون؟