Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui
هي غير مسلمن جو وصف آهي، جو اهي پنهنجي برن ڪمن کي چڱو سمجهي رهيا هوندا آهن. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
زُیِّنَ لَہُمْ سُوْٓ ءُ اَعْمَالِہِمْ ؕ
(پارہ:10، سورۀ توبه:37)
ترجمو ڪنزُ العرفان: انهن جا بُرا ڪم انهن لاءِ خُوبصورت بڻايا ويا.
حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِیَ اللہُ عَنه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بني اسرائيل ۾ جيڪو سڀني کان پهريان نقصان آيو، اهو هي هو ته هڪ شخص ٻئي سان ملندو ۽ ان کي ڪنهن گناھ ۾ ڏسي ڪري ان کي برائي کان منع ڪندو، ٻئي ڏينهن ٻيهر ان کي گناھ ڪندي ڏسندو هو ته ان سان پنهنجي تعلقات، کائڻ پيئڻ ۽ ميل جول جي ڪري ان کي منع نه ڪندو هو، جڏهن (عام طور تي) انهن ائين ڪيو ته الله پاڪ انهن جون دليون هڪٻئي سان خَلط ڪري ڇڏيون (يعني نافرمانن جي نحوست سبب فرمانبردارن جون دليون به اهڙيون ئي ٿي ويون).[1]
اَلۡامان وَالۡحفيظ! غور فرمايو! جڏهن اسان برائي کي برائي سمجهي ئي نه رهيا هونداسين، ان کان نفرت ۽ بيزاري ئي نه رکنداسين ته ان کان منع ڪيئن ڪنداسين؟ جڏهن اسان برائي کان منع نه ڪنداسين ته نتيجي ۾ اها برائي پکڙجندي ويندي، آّخرڪار هڪ وقت ايندو جو انهيءَ برائي کي چڱائي سمجهيو ويندو. ايئن معاشري ۾ برايون عام ٿي وينديون ۽ معاشرو تباھ ۽ برباد ٿي ويندو.
زمين ۾ فسادن جي شروعات ائين ئي ٿي هئي، قابيل جنهن حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام جي پٽ حضرت هابيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي شهيد ڪيو هو، بعد ۾ ان ڪيئي برا ڪم اپنايا، ان شرڪ ۽ ڪفر جو رستو به اختيار ڪيو، ان جي اولاد ۾ زنا، شراب ۽ فتنو فساد به پکڙجي ويا. جڏهن حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام قابيل ۽ ان جي اولاد جو اهڙو