Qaum e Samood Kyun Halak Hui

Book Name:Qaum e Samood Kyun Halak Hui

مخصوص هجن غلام رسول، غلام صديق، غلام حسين، غلام غوث، غلام رضا نالو رکڻ جائز آهي.[1]

  مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

رَبّ کے در پر جھکیں التجائیں کریں    بابِ رحمت کُھلیں قافلے میں چلو

عاشقانِ رسول ان سے رحمت کے پھول آؤ لینے چلیں قافلے میں چلو

   الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ  6  درود شريف ۽  2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ

 الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ

 بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن.)[2](


 

 



[1]... 550سنتیں اور آداب، صفحہ:63-68ملتقطاً۔

[2] افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا